ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ سوشل ميڊيا کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ نام نهاد جعلي حڪومت پاران ڌار ادارو، الڳ ٿاڻا، الڳ آئي جي سميت سوشل ميڊيا پليٽ فارمن لاءِ سخت قانون سازي ڪرڻ واري اعلان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي قائم ٿيندڙ جعلي حڪومت اڳ ۾ ئي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سخت پابندين، اينڪرپرسن، يوٽيوبرز جي گرفتارين کان ويندي ميڊيا مالڪن کي پنهنجي خاص ايجنڊا تحت خبرون هلائڻ توڙي مخالف ڌُر سميت عوام جي اظهار جي آزادي کي سلب ڪرڻ کان پوءِ هاڻي سوشل ميڊيا کي لغام ڏيڻ لاءِ اهڙن حرڪتن تي لهي آئي آهي، عوامي غضب کان بچڻ لاءِ مينڊيٽ چور حڪمران هاڻي عوام جي آواز سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي به سوڙهو ڪري عوام جو آواز دٻائڻ چاهين ٿا جنھن جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي.جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير ڪاشف سعيد شيخ اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هڻندڙ فارم 47 جي پيداوار حڪومت اڳ ۾ ئي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽيوٽر، ايڪس” تي فيبروري کان پابندي لڳائي چڪي آهي، جڏهن کان ملڪ ۾ نام نهاد پي ڊي ايم سرڪار ۽ موجوده (ن) ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم اتحادي حڪومت وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان عوام دشمن فيصلا ٿي رهيا آهن جنهن ۾ عوامي ادارن جي نجڪاري، مهانگائي ۾ اضافي، بيروني قرض وٺڻ سميت سوشل ميڊيا تي سخت پابندين وارا فيصلا شامل آهن.