مشي گن يونيورسٽي ۾ اسرائيل مخالف احتجاج

غزا ( م ڊ )  غزا تي اسرائيلي جارحيت خلاف آمريڪي تعليمي ادارن ۾ احتجاج سبب مشي گن ۾ سند ورهائڻ واري تقريب کي ملتوي ڪيو ويو. رپورٽ موجب مشي گن يونيورسٽي ۾ تقريب دوران شاگردن فلسطينين جي حق ۾ نعريبازي ڪئي ۽ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي. شاگردن جي هٿن ۾ بينر هئا جن تي اسرائيل مخالف نعرا لکيل هئا ۽ آمريڪا کان اسرائيل جي حمايت واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.مشي گن پوليس شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا فائر ڪيا ۽ شاگردن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا. شاگردن جو پوليس سان چڪريون پڻ ٿيون. شاگردن ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙي سبب سندون ورهائڻ واري تقريب ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ تقريب کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ملتوي ڪرڻو پيو.ورجينيا جي يونيورسٽي شارلٽس وِل ۾ پڻ شاگردن فلسطينين جي حق ۾ مظاهرو ڪيو، جنهن دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. پوليس شاگردن جي ڪئمپن تي چڙهائي ڪري ڪيترن کي گرفتار ڪري ورتو. ياد رهي ته آمريڪي يونيورسٽين ۾ فلسطين جي حق ۾ مظاهرن جو سلسلو ڊگهو ٿيندو پيو وڃي. پوليس هن وقت تائين مجموعي طور 2 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪري چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.