فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع، اڄ ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، ٻڌڻي اڄ ٿيندي، چيف  جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي جڏهن ته عدالت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي. آچر تي اٽارني جنرل آفيس پاران فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ فيض آباد ڌرڻي جي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.