پورٽو اليگري (م ڊ) ڏکڻ برازيل ۾ انتظاميا ماڻهن کي ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ کان بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن، هن وقت تائين ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ واقعن ۾ 66 ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 80,000 کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي گهرن کان محروم ٿي چڪا آهن، نيوز ايجنسي اي ايف پي مطابق، ريو گرانڊي ڊ سل رياست جي گاديءَ واري هنڌ پورٽو اليگري ۾ ماڻهو گهرن تي ڇتن تي بيٺا آهن ۽ڪيترائي ماڻهو ننڍن ٻيڙين تي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ٻئي طرف شهري دفاعي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آمريڪا جي سب کان وڏي ملڪ ۾ تباهه ڪن موسميٰ واقعن بعد اهو سلسلي جاري آهي.
-
ڪراچي پوليس پاران ڏوهن جي شڪايتن لاءِ ڊجيٽل سسٽم آڻڻ جو فيصلو
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس چيف ڏوهن ۽ پوليس سان لاڳاپيل شڪايتن لاءِ ڊجيٽل سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب شهري پاڻمرادو سسٽم ذريعي پوليسنگ سان لاڳاپيل شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا. پڌرائي موجب هر شهري پنهنجي شڪايت سٽيزن ڪمپلينٽ موبائل ايپ ذريعي رجسٽر ڪرائي سگهندو. پڌرنامي موجب ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ ۽ ڏوهن جي رپورٽنگ ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي ڪئي ويندي. پڌرائي موجب شهرين جي شڪايت موبائل ايپ جي ڪاٿو هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، سنڌ پوليس جي اها ايپ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ فعال ٿي ويندي.
-
والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي قافلي تي حملو، هڪ اهلڪار مارجي ويو، 5 زخمي
سرينگر (م ڊ)والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي هوائي فوج جي قافلي تي حملي ۾ هڪ ڀارتي فوجي مارجي ويو ۽ 5 فوجي زخمي ٿي پيا آهن، ڀارتي ميڊيا موجب گذريل رات پونچھ ضلعي ۾ ڀارتي هوائي فوج جي قافلي تي حملو ڪيو ويو. حملي کانپوءِ پونچھ ضلعي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي ۽ علائقي ۾ حملي آورن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. ڀارتي سڪيورٽي فورسز ڀرپاسي وارن علائقن جو گهيرو ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي تلاشي وٺڻ شروع ڪري ڏني آهي.
-
آسٽريلوي پارليامينٽ جي ميمبر عورت کي نشو ڏئي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف
سڊني ( م ڊ ) آسٽريلوي پارليامينٽ جي ميمبر عورت پاران پاڻ کي نشي آور دوا ڏئي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. آسٽريلوي رياست ڪوئنزلينڊ جي پارليامينٽ جي ميمبر برٽني لوگا پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي آهي ته کيس نشو ڏئي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ برٽني لوگا چيو ته افسوسناڪ واقعو سندس ئي حلقي ۾ پيش آيو. اسپتال ۾ ٽيسٽن ۾ جسم ۾ دوائن جي موجودگي جي تصديق ٿي جيڪا هن نه ورتي هئي. هن وڌيڪ چيو ته نشي آور دوائن سندس مادي کي س متاثر ڪيو، 37 سالن جي عورت پارليامينٽ ميمبر 28 اپريل تي پوليس اسٽيشن ۾ شڪايت داخل ڪئي ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ طبي معائني لاءِ اسپتال وئي.