سعودي عرب جو وفد پاڪستان پهچي ويو،اربين ڊالرن جي سيڙپ ڪاري جو امڪان

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ)  سعودي عرب جو 50 رڪني اعليٰ سطحي واپاري وفد پاڪستان پهچي ويوآهي، دوري دوران پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو امڪان آهي. اسلام آباد ۾ 3 ڏينهن واري پاڪ-سعودي سيڙپڪاري ڪانفرنس اڄ کان شروع ٿيندي، ان سلسلي ۾ سعودي عرب جي واپارين ۽ سيڙپڪارن جو هڪ اهم وفد پاڪستان پهچي ويو آهي. شهزادي محمد بن سلمان جي خاص هدايتن تي وفد اسلام آباد پهتو، جڏهن ته مصدق ملڪ ۽ ڄام ڪمال وفد جو استقبال ڪيو. سعودي وفد 40 کان 50 ماڻهن تي مشتمل آهي، سعودي وفد پاڪستان ۾ 2 ڏينهن ترسندو، جڏهن ته واپاري وفد ۾ اهم شخصيتون به شامل آهن. واپاري وفد پاڪستاني واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳوليندو. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ واپاري وفدن جا معاهدا ٿيندا. سعودي واپاري وفد ۾ ٽيڪنالاجي، توانائي، هوابازي، تعمير، مائننگ ۽ انساني وسيلن سميت مختلف شعبن جي 30 ڪمپنين جا نمائندا شامل آهن. دوري دوران پاڪستان ۾ اربين ڊالرن جي سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان اڳڀرائي جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.