گجرات ۾ کدڙي فقير سان ڇيڙڇاڙ اهلڪارن کي مهانگو پئجي وئي

گجرات (م ڊ) گجرات ۾ پوليس اهلڪارن پاران مبينا ڇيڙڇاڙ ڪرڻ تي کدڙن فقيرن صدرکاريان ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري پٿراءُ ڪيو ۽ ڀڃ ڊاهه  ڪئي. جنهن دوران کدڙن فقيرن 2 اهلڪارن کي کنڀي روڊن تي کڻي آيا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب صدر کاريان ٿاڻي جو روڊ هڪ ڪلاڪ بند رهيو، کدڙن فقيرن موجب، پوليس اهلڪارن بنا جواز هڪ کدڙي فقيرسان ڇيڙڇاڙ ڪئي ۽ تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو. ٻئي طرف پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته پوليس ناڪابندي دوران تلاشي وٺڻ تي کدڙي فقير ۽ اهلڪارن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب معاملو بگڙجي ويو،  ٻئي طرف ڊي پي او گجرات سيد اسد مظفر واقعي جو نوٽيس وٺندي واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڊي پي او موجب، واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي جڏهن ته قانون ٽوڙيندڙ کدڙن فقيرن خلاف ڪارروائي به ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.