مريم نواز به ڊيپ فيڪ جو شڪار، نامناسب وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز به خطرناڪ مصنوعي انٽيليجنس ٽول ڊيپ فيڪ جو شڪار ٿي وئي  آهي. وزيراعليٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ مريم نواز صوبي ۾ سڌارن ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ ڪافي سرگرم نظر اچي رهي آهي ۽ هر روز ڪنهن نه ڪنهن هنڌ جو دورو ڪندي نظر اچي رهي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هن وومين پوليس پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنجاب پوليس جو يونيفارم به پاتو، مريم نواز جون وردي ۾ ملبوس هٿ ۾ لٺ ۽ سلامي ڪندي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جنهن تي مختلف تبصرا پڻ ڪيا ويا. پر هاڻ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ پوليس يونيفارم ۾ ملبوس مريم نواز ٻن ڇوڪرين سان گڏ ميوزڪ تي رقص ڪندي نظر اچي رهي آهي. وڊيو سوشل ميڊيا تي جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي پر سچ اهو آهي ته وڊيو ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي ٺاهي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.