سکر مان وڌيڪ 2 ڄڻا اغوا ٿي ويا، وارثن پاران تصديق

سکر(رپورٽر)سکر ضلعو هاڻ اغوا وارداتن جي انڊسٽري بڻجي چڪو آهي ڪشمور وانگر هاڻ سکر مان به روزاني ڪو نه ڪو ماڻهو اغوا ٿي رهيو  آهي، جيڪا پوليس جي ناڪامي جو ثبوت آهي، ان سلسلي ۾ سکر جي ٿاڻي قادراپور جي حد مان ٻه ڄڻا گهرام لکڻ ۽ سندس پٽ وقاص پڻ اغوا ٿي ويا آهن جن جي وارثن پاران به تصديق ڪري ڇڏي ۽ هنن ڊي آءِ جي سکر سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مغوين کي بازياب جلد بازياب ڪرايو وڃي. واضع رهي ته گذريل هڪ کان ڏيڍ مهيني دوران 10 ماڻهن جي لڳ ڀڳ اغوا ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.