سنڌ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهي آهي،حڪمران ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن:رياض چانڊيو

حيدرآباد ( پ ر ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ ٻين چيو آھي ته سنڌ بدامني جي باھه ۾ سڙي پئي، کربين رپيا سنڌ پوليس ۽  قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سالياني ڪروڙين رپيا کائي رهي آھي پر لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن مان ڌاڙيل ختم نه پيا ٿين نه وري شھرن مان اسٽريٽ ڪرائيم جو خاتمو پيو ٿئي، هن چيو ته سنڌ جي ماڻھن کي اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته توهان ملڪ ۾ ٽئين درجي جا شھري آھيو. توهان جي لاءَ  ڪو قانون ناهي بس ڏاڍ جبر جو قانون آھي، سنڌ ان خوف ۽ ڏاڍ جي قانون ۾ گذاري .رياض چانڊيو جو چوڻ هو ته شھري، معصوم ٻار، ملازم ۽ واپاري قتل ٿي رهيا آهن ۽ ان ڏوهارين کي ڪير به نٿو پڪڙي، هن چيو ته هڪ طرف ڌاڙيلن وٽ ھٿيار ته ٻئي طرف پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ ھٿيار، ٽئين طرف پختون لشڪر هٿيار کڻي اچن ٿا ته چوٿين طرف بگٽي هٿيار کڻي اچن هي سڀ هٿيار حڪمران انهن کي ڏئي موڪلين ٿا ته پوءِ رياست جي زميواري ڇا آهي .رياض چانڊيو جو چوڻ هو ته رياست جي زميواري آھي ته سنڌ مان ڌاڙيل راڄ ختم ڪرائي وڃي، اسان جو مطالبو آھي فوري طور سنڌ جو امن امان بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.