حيدرآباد: ڪنوينشن ۾ مختلف قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي وئي ته ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ تعليم نج صوبائي معاملو آهي، سنڌ سرڪار طرفان صوبي جي تعليمي معيار جي بهتري لاءِ نه ڪو سنجيده قدم کنيو ويو آهي ۽ نه ئي صوبائي هيڪ کي بهتر نموني فعال ڪيو ويو آهي، جيڪا پيپلزپارٽي سرڪار جي سراسر نااهلي آهي، هي ڪنوينشن مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته صوبائي هيڪ جلد بحال ڪئي وڃي،ڪوڙا ڊوميسائيل ٺاهڻ ذريعي سنڌي شاگردن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، مطالبو ٿو ڪجي ته ڪوڙا ڊوميسائل رد ڪري ملوث ملازمن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. سرڪاري هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ لاءِ ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ سيميسٽر سسٽم لاڳو ڪيو وڃي، ان سان گڏ انٽري ٽيسٽن ۾ گريڊن جون اضافي مارڪون ختم ڪيون وڃن گريڊ وڪرو ۾ ملوث عملدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. مفت ۽ معياري تعليم هر شهري جو حق آهي، پر عالمي سامراجي ادارن جي ڏسيل پاليسين تي عمل ڪندي فيون وڌائي غريب شاگردن جي تعليمي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، سنڌي شاگرد تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ يونورسٽي سميت سمورين يونورسٽين ۾ مفت اعليٰ تعليم ڏني وڃي. ڪي ايس پي پاليسي سنڌ دشمن ۽ تعليم دشمن پاليسي آهي، هي هال مطالبو ٿو ڪري ته ڪي ايس پي پاليسي ختم ڪري سنڌي شاگردن جي تعليمي رستاروڪ بند ڪئي وڃي. تعليمي ادارن اندر سڪيورٽي ادارن جي موجودگي ختم ڪري، تعليمي ادارن کي مڪمل صاف شفاف تعليمي مرڪز بڻايو وڃي. سنڌ لوڪل گورمينٽ ايڪٽ تحت سنڌ جي ھر يونين ڪائونسل ۾ لائبريري قائم ڪئي وڃي. سمورين يونيورسٽين ۾ هاسٽلن جو تعداد وڌايو وڃي. تعليمي ادارن جي هاسٽلن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي. سنڌ اندر اڪثر اسڪول وڏيرن جي مال جا واڙا ۽ اوطاقون بڻيل آهن، هي هال مطالبو ٿو ڪري ته سنڌ جا سمورا بند پيل اسڪول هڪدم کولرائي ذميوارن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن. آمريڪا ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن طرفان فلسطينين جي حمايت ۾ ٿيندڙ مظاهرن جي اڄوڪي هي ڪنوينشن حمايت ٿي ڪري ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته جنگ جي مخالفت ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن خلاف ڪريڪ ڊائون بند ڪيو وڃي.