”ملڪ ٻيهر ٽٽو ته سياستدان نه اسٽيبلشمينٽ ذميوار هوندي“

اسلام آباد(عوامي آوازنيوز) جي يو آءِ جي سينيٽر مولانا عطاءُ الرحمان چيو آهي ته اسان نه 2018 جي چونڊ نتيجن کي تسليم ڪيو نه 2024ع  جي چونڊ نتيجن کي مڃيو آهي،اسان صبر ڪيو پر اهو سلسلو ڪيستائين هلندو رهندو؟ سينيٽ ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته ڪيستائين اسان جي ميمبرن ۽ پارليامينٽن کي خريد ۽ وڪرو ڪيو ويندو،ڇا بلوچستان جي اسيمبلي 70 ۽ 80 ارب رپين ۾ وڪرو ناهي ٿي،جهازن تي پئسا لوڊ ڪري نه آندا ويا، ڪي پي ۾ احساس محرومي آهي، اتي سينيٽ چونڊ اڃا تائين ناهي ٿي، اسان برداشت ته ڪندا آهيون پر ڇا قوم آڏو ۽ پارليامينٽ ۾ آواز به نه اٿاريون،هن چيو ته ادارن کي چوڻ چاهيون ٿا ته اسان کي هي ملڪ پيارو آهي، اسان هن ملڪ جي آزادي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، هٿ ٻڌي عرض ڪريان ٿو ته هن ملڪ کي هلڻ ڏنو وڃي، پنهنجون من مانيون،مرضي جا فيصلا هن پارليامينٽ تي نه مڙهيا وڃن،جيڪڏهن اهو ئي رويو رهيو ته پوءِ سڀاڻي وري چوندا ته هي ملڪ سياستدانن جي ڪري ٽٽو آهي،ملڪ ٽٽو ته ان ۾سياستدانن نه انهن ادارن جو ڪردار هوندو مون کي ٻڌايو وڃي ته هن ملڪ جي آزادي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ڪهڙو آهي؟ انهن هن ملڪ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ اهو به قوم کي ٻڌايو وڃي، اڄ جيڪي هن قوم تي مڙهيل آهن اهي پنهنجو ڪردار ته ٻڌائين؟ توهان هن ملڪ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ هن چيو ته ادب سان چوان ٿو ته اسان جا سياسي ماڻهو به استعمال ٿين ٿا،اسان جا وڏا استعمال ٿين ٿا، پنهنجي قيادت کي عرض ڪندس ته ملڪ جي تحفظ ۾ ڪردار ادا ڪريو،سياستدانن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڪنن کي محفوظ ڪرڻ گهرجي،وڏو نعرو هنيو ويندو آهي ته پاڪستان جو مطلب ڇا؟ لا اله الا الله،ٻڌايو ته گذريل 75 سالن ۾ اسان ڪهڙو لا اله الا الله جو قانون بڻايو آهي،پ پ ۽ ن ليگ کي عرض ڪندس ته هي اقتدار ۽ ڪرسيون توهان کي وري به ملي وينديون پر خدارا هن ملڪ جي مستقبل جي باري ۾ سوچيو.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اڱارو 30 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.