نوازشريف اسٽيبلشمينٽ سان ويجهڙائپ جو تاثر ختم ڪرڻ چاهي ٿو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز+ڊي ڊبليو) نواز شريف جي ن ليگ جي صدارت سنڀالڻ  وارين خبرن ۽ اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم ٿيڻ کي  معنيٰ خيز قرار ڏنو پيو وڃي، تجزئي نگارن موجب ان پيش رفت جو موجوده حڪومت ۽ ملڪي سياست تي ضرور ڪو اثر پوندو. پاڪستان جي حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) جي هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرف وڃڻ جي خبرن ۽ اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بڻائڻ جي خبرن سياسي پنڊتن کي پارٽي جي اندروني ۽ ملڪي سياست جي مستقبل بابت ڪجهه ڏينهن کان وٺي مصروف ڪري رکيو آهي، خود مسلم ليگ ن جا اڳواڻ انهن ٻنهي ڳالهين کي ”معمولي عمل“ قرار ڏئي رهيا آهن. ن ليگ جي ڪجهه اڳواڻن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي غير حاضري پارٽي جي  تنظيم کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي ۽ اڳوڻو وزيراعظم پارٽي کي منظم ڪري ان کي وڌيڪ متحرڪ ڪندو.ٻئي پاسي اقبال ظفر جهڳڙا ان تاثر کي به رد ڪري ڇڏيو ته پارٽي ۾ اسٽيبلشمينٽ نواز جا حامي يا جي ايڇ ڪيو مخالف گروپ آهن. ان جي وضاحت ڪندي هن چيو ته هر پارٽي ۾ اختلاف راءِ هوندو آهي، ان کي ڌڙا بندي بلڪل به نه ٿو چئي سگهجي. هن چيو ته اسان جي پارٽيءَ ۾ به ماڻهن جا مختلف رايا آهن، پر جڏهن نواز شريف قومي مفادن جي حوالي سان ڪو به فيصلو ڪري ٿو ته سڄي پارٽي ساڻس گڏ بيٺي آهي. ڪجهه سياسي مبصرن موجب نواز شريف جو پارٽي انتظام سنڀالڻ جو بنيادي مقصد پارٽي جي اسٽيبلشمينٽ مخالف بيان بازي کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ڪرڻ آهي ۽ گذريل ڪجهه سالن ۾ جي ايڇ ڪيو سان ويجهڙائپ سبب پارٽي کي جيڪو نقصان پهتو آهي ان جو ازالو ڪرڻ آهي . ان حوالي سان پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي نائب وزيراعظم بڻائڻ جو به حوالو ڏنو پيو وڃي، جيڪو نوازشريف جو ويجهو ساٿي هجڻ سان گڏ سندس سيڻ به آهي. جڏهن ته مشهور ڪالم نگار امتياز عالم جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن ۾ هاڻي ڪو به سخت گير يا اعتدال پسند گروپ ناهي رهيو. امتياز عالم موجب ن ليگ ۾ شهباز شريف جي سوچ غالب ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي اسٽيبلشمينٽ يا اينٽي اسٽيبلشمينٽ جي ڳالهه ڪرڻ سراسر ڪوڙ آهي. ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ سوديبازي سبب ٻن شخصيتن کي نقصان ٿيو آهي. هڪ آهي بلاول ڀٽو زرداري، جنهن کي پيءُ کيس پاسيرو ڪري صدارت سنڀالي ۽ ٻيو آهي شهباز شريف، جنهن پنهنجي ڀاءُ کي پاسيرو ڪري وزارت عظميٰ جي ڪرسي کسي ورتي آهي.نواز شريف جي پارٽي صدر بڻجڻ واري فيصلي جي ٻين امڪانن جي حوالي سان امتياز عالم جو چوڻ هو ته نواز شريف هڪ بارگين ڪئي آهي ۽ ان بارگين سبب سندس ۽ سندس پٽن جا ڪيس ختم ٿي ويا آهن ۽ هاڻي هو پارٽي سنڀالڻ چاهي ٿو ۽ پاڻ کي يقين ڏيارڻ چاهي ٿو ته هو اڃا تائين پارٽي جو  انچارج آهي ڇاڪاڻ ته وزيراعظم به پارٽي اجلاسن ۾ هن جي ماتحت ٿي ويندا.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اڱارو 30 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.