اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ عمران خان ٻيهر ٽيم بڻائي ڇڏي، پي ٽي آءِ اندر جهيڙو هلندڙ

اسلام آباد/راولپنڊي(عمر چيما+معظم فخر+منصور علي خان)عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ ٻيهر ٽيم بڻائي ڇڏي، عمران خان جهڙي طريقي سان آرمي چيف جنرل عاصم منير،ڊي جي آءِ ايس آءِ ،ڊي جي  سي(آءِ ايس آءِ) کي هدف بڻايو آهي ان ماحول ۾ ڪو به هن سان خوشي سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،اسٽيبلشمينٽ جهڙي تهڙي حڪومت ته بڻائي ڇڏي آهي،هن وقت معيشت وڏو چئلينج بڻيل آهي، حڪومت جو هدف 5 ارب ڊالر آڻڻ آهي، جيڪڏهن ان رقم جو بندوبست ٿي ويو ته پوءِ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون نه ٿينديون،جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته اهي به ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهنديون،جڏهن ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ هن وقت صورتحال ٺيڪ ناهي،ذريعن موجب عدليه اسٽيبلشمينٽ جي جهيڙي ۾ عمران خان ڏسو ۽ انتظار ڪريو واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، ان تڪرار ۾ جيڪا ڌر مضبوط ٿي سامهون اڀرندي پي ٽي آءِ پنهنجي حمايت جو پلڙو ان جي هنج ۾ وجهي ڇڏيندي،شير افضل مروت جي معاملي تي به عمران خان پارٽي کي هڪ نئين ٽرڪ جي بتي پٺيان وجهي ڇڏيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جي خط جي معاملي تي فل ڪورٽ بڻائڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ اختلاف راءِ موجود آهي،ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت تڪراري بيانن جو سلسلو ختم نه ڪيو، تازو ئي هن پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات رئوف حسن جي باري ۾ چيو آهي ته هو بدنيتي تي ٻڌل بيان جاري ڪندو آهي، منهنجي باري ۾ رئوف حسن جي بيان کي ڪوڙ ئي سمجهيو وڃي،رئوف حسن کي مون سان ڪو مسئلو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بيان مان لڳي ٿو ته ڪو ڪارٽون نيٽ ورڪ هلي رهيو هجي،پارٽي جو ڊسپلين سسٽم خراب ٿي چڪو آهي پر عوام ۾ مقبوليت سبب پارٽي جو وجود اڃا تائين برقرار آهي،عمران خان کي ويجهي مستقبل ۾ رليف جو ڪو به امڪان ناهي، 190 ملين پائونڊ ۾ هن کي سزا ملڻ واري آهي،عمران خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور،عمر ايوب ۽ شبلي فراز کان علاوه ڪنهن کي به اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جو اختيار ناهي ڏنو ويو،جڏهن ته شير افضل مروت ٽوئيٽ ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي سمنڊ پار ميمبرن کي آگاهه ڪيو وڃي ته اهي دوکي باز عادل راجا جي دوکي ۾ نه اچن جنهن 9 مئي جي قيدين جي مدد لاءِ چيريٽي جي نالي تي سوين پاڪستانين جي محنت جي ڪمائي ڦري آهي،اهو مسخرو ٺڳ آهي جيڪو تصديق ٿيل ”را“ جو ايجنٽ آهي

عمران خان سان گڏ آهيان، ڪا ڊيل نه ٿي آهي: خديجه شاهه

لاهور (م ڊ) 9 مئي ڪيس کي منهن ڏيندڙ خديجه شاهه چيو آهي ته مان هميشه پي ٽي آءِ جي باني سان گڏ آهيان، اسان ڪا به ڊيل نه ڪئي آهي ۽ نه ڪنداسين، دهشتگردي  ٽوڙ واري عدالت ۾ پيشي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي خديجه شاهه وڌيڪ چيو ته هو بيگناهه آهن، ڊيل جي ڪا ضرورت ناهي، بيگناهه هجڻ باوجود عدالت ۾ پيش ٿي رهيا آهيون، ٻئي طرف طيبه راجا چيو ته باني پي ٽي آءِ جي بيانئي کي ڇڏيون ها ته عدالت حاضري لاءِ ڇو پيش ٿيون ها، منهنجا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا هئا جيڪي خارج ڪرائڻ لاءِ پيش ٿيا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڊيل ٿي آهي ته اسان گهر ويهي رهون ڇو پيا عدالتن جا چڪر ڪاٽيون

پي ٽي آءِ ڳالهيون نه، ڪيسن مان جان ڇڏائڻ ٿي چاهي: عرفان صديقي صديقي

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ڳالهيون نه پر ڪيسن مان ڇوٽڪارو چاهين ٿا. اهي ڇوٽڪارو ڏياريندڙ جي  ڳولا ۾ آهن، اسان ڳالهيون ڪري سگهون ٿا پر سندن جان نٿا ڇڏائي سگهون. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ڳالهين بابت ٻن ڏينهن ۾ پنج موقف سامهون آيا آهن. هڪ فوج، ٻيو سياستدانن سان ڳالهين جو مطالبو ڪري ٿو، ٽيون چوي ٿو ته ن ليگ پ پ يا ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون نه ٿينديون. هو ڳالهيون ڪرڻ نه ٿا چاهن پر ڪيسن مان رليف چاهين ٿا.

راڻا ثناءَ الله هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءَ الله هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، اسان پي ٽي آءِ سان  ڳالهائين سان گڏ سندس گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهيون، پي ٽي آءِ چئي ڳالهين لاءِ تيار آهي ته اسان پاڻ وٽس هلي وينداسين، اسان پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءِ الله چيو آهي ته اسحاق ڊار کي ڊپٽي وزيراعظم بڻائڻ جو فائدو نه ته نقصان به ناهي، پارٽي ۾ ۽ حڪومت ۾ اها سوچ هئي ته اسحاق ڊار کي عزت ملڻ گهرجي، ان سوچ کي نظر ۾ رکندي اسحاق ڊار کي عهدو ڏئي ڪري عزت ڏني وئي آهي، هن چيو ته ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن ته اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير ڇو ناهي، پرڏيهي وزير ڇو بڻايو ويو آهي. ماحول اهڙو ٺهي ويندو آهي ته پوءِ سياسي طور تي اهڙا عهدا ڏنا ويندا آهن ، هن چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت وقت به اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير ٿيڻو هو، هن چيو ته مفتاح اسماعيل به ٽيم ميمبر طور تي اسحاق ڊار سان گڏجي ڪري ڪم ڪيو هو، مفتاح اسماعيل جو اهو الزام هو ته اسحاق ڊار کيس وزارت تان هٽائي غلط ڪيو. هن چيو ته مفتاح اسماعيل جڏهن ناڻي وارو وزير ٿيو ته هو ٽيم ميمبر طور نه پر آزاد حيثيت طور ڪم ڪري رهيو هو، راڻا ثناءِ الله وڌيڪ چيو ته اسحاق ڊار مفتاع اسماعيل جي پاليسين تي تنقيد ڪيو ته اڳتي هلي ماحول تبديل ٿيو، ڪنهن کان ڪهڙو ڪم وٺڻو آهي اهو وزيراعظم جي صوابديد آهي، هو ان بابت صحيح ٻڌائي سگهي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته ضروري ناهي ته بيانيو مزاحمتي هجي ، ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ڪردار ۾ واپسي هليو وڃي،راڻا ثناءِ الله وڌيڪ چيو ته موجوده اسٽيبلشمينٽ کي سڃاڻو ٿو هنن جو ڪو ذاتي ايجنڊا ناهي، عهدي ۾ واڌ واريون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، هنن جو ڪو به ذاتي ايجنڊا ناهي، موجوده اسٽيبلشمينٽ جو اهو خيال آهي ته سياستدانن سان ملي ڪري ملڪ کي سنڀالين،  هن وڌيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ اهم فيصلا ڪرڻ کان اڳ نواز شريف سان مشاورت ڪئي ويندي آهي. جنرل ڪائونسل اجلاس گهرائي رهيا آهيون اميد آهي ته نواز شريف ٻيهر پارٽي صدر چونڊجي ويندو، نواز شريف کي پارٽي صدر بڻائڻ هن جي مرضي نه پر درخواست ڪئي وئي آهي، نواز شريف کي پارٽي صدر بڻائڻ هن جي رضامندي سان ٿيندي. نواز شريف جي چين کان واپس اچڻ بعد پارٽي صدر بابت ڳالهه واضح ٿي ويندي، اسان پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

ڪنهن به اداري سان  پردي پٺيان ڳالهيون نه پيون هلن

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ  چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته ڪنهن به اداري سان ڪي پردي پٺيان ڳالهيون نه پيون هلن،  پارٽي جي ڪنهن به نمائندي وٽ ڊائيلاگ جو اختيار ناهي،آئين اندر ڊپٽي وزيراعظم جو ڪوئي عهدو ناهي، هي  عهدو زرداري  بڻايو هو، ان بابت قانون ۾ ڪجهه ناهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن  چيو ته جيترا به ادارا آهن، انهن کي پاڻ کي بدلڻو پوندو، ان سان  عدالت جي بنيادي حقن جو تحفظ  ٿيندو، ڏوهه ڪندڙ کي سزا ملڻ گهرجي،هن چيو ته سياسي جماعتن سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن،

وقت اچي ويو آهي ته پي ٽي آءِ پارليامينٽ طرف ڏسي: شيري رحمان

لاهور (م ڊ) شيري رحمان پي ٽي آءِ جي رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي پارليمينٽ طرف  ڏسڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف تحريڪ انصاف اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ڪردار جي شڪايت ڪري ٿي ته ٻئي طرف سياسي پارٽين پاران ڳالهين جي آڇ کان انڪار ڪري رهي آهي. پ پ سينيٽر وڌيڪ چيو ته صدر زرداري پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي پارٽين کي ڳالهين ۽ مفاهمت جي دعوت ڏني آهي.شيري رحمان اهو به چيو ته ادارا چئي رهيا آهن ته سياست ۾ مداخلت نه ڪنداسين پر پي ٽي آءِ باني ۽ ترجمان ادارن کي سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو چئي رهيا آهن.هن چيو ته سياسي پارٽين کي پارليامينٽ ۽ سياسي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، مان پڇڻ چاهيان ٿي ته ڇا تحريڪ انصاف ماضي کي ٻيهر ورجائڻ چاهي ٿي؟

حامد رضا اسيمبلين  تان استعيفيٰ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا پي ٽي آءِ  جي باني عمران خان کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن ايندڙ هفتن ۾ انصاف نه مليو ته هو اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏئي. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ کي عمران خان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ روڊن تي اچڻ تي غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هن حڪومت کي اسيمبلين ۾ سک جو ساهه کڻڻ نه ڏينداسين. سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه چيو ته عمران خان لاءِ قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ ڏيندڙ پهريون شخص هوندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.