ڪنهن به اداري سان  پردي پٺيان ڳالهيون نه پيون هلن: پي ٽي آءِ چيئرمين

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ  چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته ڪنهن به اداري سان ڪي پردي پٺيان ڳالهيون نه پيون هلن،  پارٽي جي ڪنهن به نمائندي وٽ ڊائيلاگ جو اختيار ناهي،آئين اندر ڊپٽي وزيراعظم جو ڪوئي عهدو ناهي، هي  عهدو زرداري  بڻايو هو، ان بابت قانون ۾ ڪجهه ناهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن  چيو ته جيترا به ادارا آهن، انهن کي پاڻ کي بدلڻو پوندو، ان سان  عدالت جي بنيادي حقن جو تحفظ  ٿيندو، ڏوهه ڪندڙ کي سزا ملڻ گهرجي،هن چيو ته سياسي جماعتن سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اڱارو 30 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.