اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف جي آخري مالياتي قسط جاري ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي 1.1 ارب ڊالر جي آخري قسط ملڻ سان پاڪستان ۾ وڌيڪ معاشي استحڪام ايندو، 2016 ۾ منهنجي قائد نواز شريف آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪيو هو، هي ايس بي اي ٻيو پروگرام آهي، جيڪو مڪمل ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته 16 مهينن جي حڪومت دوران پاڪستان کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو اهو معاهدو اهم ثابت ٿيو هو، پاڪستان جي معاشي تحفظ لاءِ سخت ۽ ڏکيا فيصلا ڪيا، انهن فيصلن جا نتيجا معاشي استحڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن، وري موقعو مليو آهي، ڀرپور قوت سان پاڪستان کي معاشي ترقي ڏيارينداسين.
سندس چوڻ هو ته قرض وٺڻ ڪاميابي ناهي، ڪاميابي ان ڏينهن ملندي، جڏهن قرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين، تسلسل سان محنت جاري رهي ته معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو.
You might also like