ڀارت ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع لاءِ ڀارت جي پندرنهن رُڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
چيف سليڪٽر اجيت اگرڪر ممبئيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جون کان ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اعلانيل پندرنهن رُڪني ڀارتي اسڪواڊ ۾ روهت شرما ڪپتان، ويرات ڪوهلي، هاردِڪ پانڊيا، يشسوي جئسوال، سوريا ڪمار ياديو، رشڀ پنت، سنجو سيمسن ۽ شيوم دوبي شامل آهن.
ان کانسواءِ رويندرا جاڙيجا، اڪشر پٽيل، ڪُلديپ ياديو، يوزويندر چاهل، ارشديد سنگهه، جسپريت بُمرا، محمد سراج اسڪواڊ جو حصو آهن.
جڏهن ته شُڀمَن گِل، رِنڪو سنگهه، خليل احمد ۽ اويس خان ٽريولنگ رزرو پليئر طور ٽيم سان گڏ هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.