وزيراعظم جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

رياض( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم شهباز شريف خاص طور تي سعودي ولي عهد سان ملاقات لاءِ شاهي محل پهتو هو.
ان موقعي تي وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اويس خان لغاري ۽ عطاءُالله تارڙ به موجود هئا.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وچ ۾ ملاقات دوران ٻطرفن معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن مڪي شريف ۾ ٿيل ملاقات جي فيصلن تي اڳڀرائي تي به اطمينان جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي عرب هميشه ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف سعودي پرڏيهي وزير جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي وفد ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان وفد پاڪستان موڪلڻ تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا.
شهباز شريف شاندار ميزباني ۽ سعودي وزيرن طرفان پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري جي حوالي سان جامع پروگرام ترتيب ڏيڻ تي به ولي عهد جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.