وزيراعظم شهباز شريف اڄ سڄي ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ سڄي ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪندو.
حڪومت طرفان 4 سالن لاءِ ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اڄ اسلام آباد ۾ خاص ڪانفرنس ٿيندي، ڪانفرنس ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ تعليم وارا وزير شرڪت ڪندا.
ڪانفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪندو، تعليمي ايمرجنسي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به لاڳو ٿيندي.
ياد رهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک کان مٿي ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.
حڪومت چئن سالن ۾ اهو انگ گهٽ ڪري 90 لک تائين ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي.
ان حوالي سان تعليمي بجيٽ کي ايندڙ چئن سالن ۾ پنج سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.