ٽنڊي الهيار ۾ ارڙي وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو وڏي وزير نوٽيس ورتو

ٽنڊوالهيار ( ڊ ر)جي يونين ڪائونسل ڌڱاڻو بوزدار جي ڳوٺ چندرو ميئو ۾ ارڙي وگهي پنج ٻارڙن جي فوتگي جون خبرون ميڊيا ۾ هلڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه نوٽيس وٺي ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار سليم الله اوڍو ۽ ڊي ايڇ او ابراهيم پرهياڙ کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موجب ڪنهن بيماريءَ سبب هڪ ئي گهر جي 5 ٻارڙن جو فوت ٿيڻ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي سموري صورتحال جو جائزو وٺي مون کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير ڊي جي هيلٿ کي هدايت ڪئي ته ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ چندرو ميئو موڪلي ٻين ٻارن جو چيڪ اپ ڪيو وڃي ۽ ٽنڊوالهيار جو ڊي ايڇ او صورتحال جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪري. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او ابراهيم پرهياڙ ٻڌايو ته اسان يونين ڪائونسل ڌڱاڻو بوزدار جي 27 ڳوٺن ۾ هڪ هزار کان مٿي ٻارڙن جي ويڪسينيشن ڪري چڪا آهيون جيڪا جلد مڪمل ڪئي ويندي. متاثر ڳوٺ چندرو ميئو جي پنج ڪلو ميٽر تائين آس پاس جي ڳوٺن ۾ به ويڪسينيشن ڪئي پئي وڃي جلد هن مرض جو خاتمو آڻينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.