قاضي احمد ۽ دادو ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ريليون، ڌرڻا

قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو+ غوث جهتيال) قاضي احمد ۾ جي ڊبليو سي تعلقه قاضي احمد پاران سنڌ ڄائي معصوم نياڻي پريا ڪماري  جي آزادي لاءِ ايدمور پمپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي قومي شاهراهه پهتل، جتي ناز محل گيٽ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي جي ڊبليو سي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي خاصخيلي، ڊويزن صدر ولي محمد جوکيو، ضلعي صدر ملنگ جتوئي، اعجاز علي سـنگراھه، راجا ساجد علي انڙ، سائل لاکو، شھري اتحاد جي اڳواڻ حاجي خان لاکو، ايس ٽي پي اڳواڻ ڏاڏو مهر، ايس يو پي اڳواڻ ايم بي ڏاھري، باگڙي اتحاد اڳواڻ امير ڪمار باگڙي فرھان انڙ ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته افسوس جو مقام آهي ته سکر جي سنگرار شهر مان 3 سال اڳ اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري اڃان تائين بااثرن جي قيد ۾ آهي جنهن جي بازيابي لاءِ سندس والدين سميت پوري سنڌ بي چين آهي. ٻئي طرف پريا ڪماري جي آزادي لاءِ دادو ۾ سول سوسائٽي ۽ سيتا سرجڻهار فورم پاران ڌار ڌار احتجاجي مظارا رڪارڊ ڪرايا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.