ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ ڪڻڪ بارداڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ جي مذمت، عدالتي تحقيقات جي گهر ڪندي چيو آهي ته بارداڻي ۾ ڪرپشن ۽ حقيقي حقدارن هارين ۽ آبادگارن کي محروم ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير ڪاشف سعيد شيخ اڄ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حڪومتي عدم توجهه ۽ ڪرپشن سبب اڳ ۾ ئي سنڌ جي زراعت تباهه ۽ هاري توڙي آبادگار پريشان آهن، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ھتي ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن توڙي سهولتن جي حوالي سان ڪاري وارا ڪک آهن بلڪه ٻه نمبر ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائون ٺاهيندڙن سان ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ ۾ زراعت جو شعبو ترقي بدران تباهي طرف وڃي رهيو آهي، ويتر پاڻي جي کوٽ ۽ حڪومتي بي ڌياني رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي آهي. هاڻي جڏهن ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آهي ته اصل حقدار هاري ۽ آبادگار بارداڻي لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن احتجاج جي باوجود انھن جي ڪو واھر ڪرڻ وارو بہ ناھي. خوراڪ کاتو ناني ويڙهو ڪري بارداڻي ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. بدقسمتي سان سنڌ جي هر شعبي ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي. هر ڪنهن کي پنهنجو حصو پتي ملي رهيو آهي، رُلي آبادگار ۽ هاري ويا آهن. هڪ ته ڪڻڪ جي فصل تي في ايڪڙ لاڳت جي حساب سان اگهه مناسب ڪونه ٿو ملي ته ٻئي طرف وري بارداڻي کان محروم رکيو پيو وڃي جيڪو زراعت ۽ آبادگار دشمني جو چٽو مثال آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير ڪاشف سعيد شيخ گهر ڪئي ته خوراڪ کاتي ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪري ڪڻڪ جو بارداڻو حقيقي آبادگارن ۽ هارين کي ڏنو وڃي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اعلى سطحي جاچ ڪميشن جوڙي هر سال اربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙ خوراڪ کاتي جي ڪامورن، پاسڪو عملدارن ۽ وقت جي حڪمرانن کي قانون جي وَڪڙ ۾ آڻي