ڪڪڙ ۾ ڇيلو چوري معاملي تان جوابدارن چاچي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ڪڪڙ (ن ع آ) ڪڪڙ ۾ 3 سال پراڻي ڇيلو چوري ڪرڻ وارو مامري چاچي ۽ ڀائٽي وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو، ڪالهه  ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ الابخش بوزدار ۾ جوابدار ڀائٽي جبار بوزدار غلام نبي حاڪم بوزدار سميت ٻين  جوابدارن پنھنجي سڳي چاچي ڪمال خان ولد ڌڻي بخش بوزدارکي ٽيپھري نماز پڙھي واپس گھر ايندڙ مٿان حملو ڪري گوليون ھڻي قتل ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا، ڪڪڙ پوليس سستي جو مظاھرو ڪندي ھڪ ڪلاڪ دير واقعي واري ھنڌ پھتي لاش ھڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيو، پوليس لاش تعلقي اسپتال ڪي اين شاھه کڻائي وئي، جتي اسپتال انتظاميا پاران لاش جي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارثن چيو آھي ته مٿين جوابدار 3 سال اڳ اسان جو مبينا ڇيلو چوري ڪيو جنهن جو پاڪ ڪتاب تي چاچي ۽ ڀائٽي وچ  ۾ چڱي مڙس فيصلو پڻ ڪيو هو جيڪو مسئلو حل ٿي ويو هو جنهن تي اڄ مٿين جوابدارن چڱي مڙس جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي منھنجي چاچي ڪمال خان کي ڪلاشنڪوف جا سندس برسٽ هڻي کين  قتل ڪري فرار ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.