ڪراچي ( رپورٽر ) لياري ۾ بجلي جي ظالماڻي لوڊشيڊنگ ۽ گيس جي بندش خلاف جونا مسجد چوڪ ڪلري ۾ لياري عوامي محاذ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين کي خطاب ڪندي لياري جي نمائندن عيسيٰ بلوچ، عبدالخالق زادران، ويراڳ مھيشوري، صالح محمد هنڱورو، رشيد اعواڻ، ڪامريڊ وحيد جان، اي بي راٺوڙ نواز ڦل چيو ته لياري ۾ گرمي کان اڳ ئي 19 ڪلاڪن کان وڌيڪ ظالماڻو ظلم ڪري لوڊشيڊنگ شروع ڪري ڇڏي آهي . لياري جي غريب عوام کي ڪي اليڪٽرڪ پاران هر مهيني بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪرڻ کان علاوه ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، لياري جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گيس جي مسلسل بندش باوجود هر مهيني بل موڪليا پيا وڃن گيس بل ادا ڪرڻ باوجود گيس جي فراهمي کان محروم آهن.