ڇور ڇانوڻي ۾ قتل ٿيل نينگر جو ڪيس اردليءَ خلاف داخل

عمرڪوٽ/ڪراچي(عوامي آواز نيوز)بي بي سي موجب  ڇور جي فوجي ڇانوڻي مان 13 ورهين جي ٻارڙي علي حسن جو تشدد ٿيل لاش هٿ  اچڻ کانپوءِ پاڪ فوج جي بٽ مين (اردلي) خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڇور جي ڳوٺ کيت سنگهه جي رهواسي گل حسن منڱريو چور پوليس اسٽيشن تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس 13 ورهين جو ڀاءُ علي حسن مينهون چاريندو هو، جڏهن ته جوابدار ڇانوڻي جي فوجين جون ٻڪريون چاريندو هو. جوابدار علي حسن کان ماکي خريد ڪئي هئي، جنهن جا پئسا ڏيڻ لاءِ هو کيس فوجي ڇانوڻي وٺي ويو هو، ڳولا باوجود سندس ڏس پتو نه مليو، جنهن جي شڪايت اسٽيشن ڪمانڊر کي به ڏني وئي هئي، ڇانوڻي ۾ ڳولا دوران سندس ڀاءُ جو لاش سي ايم ايڇ اسپتال جي پويان جهنگ مان مليو، سندس منهن ۽ جسم تي تشدد جا نشان هئا، جڏهن ته سندس ڳلي تي نيري دائري جا نشان به هئا.  هوڏانهن پاڪ فوج جي جوانن لاش کڻائي سي ايم ايڇ اسپتال جي مرده خاني  پهچايو، پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. ٻئي طرف ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ  چيو ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي پر نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيو آهي. کيس جلد گرفتاري ڪيو ويندو.  مقتول جي چاچي احسان مڱريو ٻڌايو ته گذريل رات پوليس ۽ فوجي اهلڪار وٽس آيا هئا ۽ کيس يقين ڏياريو هو ته جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو،ٻئي پاسي سنڌ سجاڳي فورم پاران سارنگ جويو ۽ سهڻي جويو جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڇور ڪينٽ ۾ معصوم علي مڱرئي کي زيادتي ڪري قتل ڪندڙ اهلڪار کي گرفتار ڪيو وڃي

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، سومر 29 اپريل2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.