ملڪي معيشت ٺيڪ ڪرڻ جو هي آخري موقعو آهي: معاشي ماهر

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) معاشي ماهرن ماهرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جو هي آخري موقعو ٿي سگهي ٿو. هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ”دي گريٽ ڊيبيٽ“ ۾ ڳالهائيندي واپاري عارف حبيب چيو ته ملڪي معيشت وياج جي تمام گهڻي  شرح سبب متاثر ٿي آهي. پاڪستان بئنڪز ايسوسيئيشن جي صدر ظفر مسعود چيو ته ٽيڪس مشينري مان ساڍا ٽي هزار ارب رپين جي چوري ٿئي ٿي، رڳو رئيل اسٽيٽ، زراعت ۽ پرچون جي شعبن مان 2 هزار ارب رپين جي ٽيڪس چوري ٿئي ٿي. اها ٽيڪس اڳاڙي نه ٿي ٿئي يا معافي ڪئي وڃي ٿي. ايڇ بي ايل جي صدر ناصر سليم چيو ته پاڪستان ۾ گهت تعليمي معيار ۽ مهارتن جي ڪري اسان جي افرادي قوت پرڏيهه نه ٿي وڃي. گهٽ عمر وارن کي سٺي تعليم ۽ هنر نه ملندو ته اهو اثاثو بار بڻجي ويندو. سي اي او لڪي سيمينٽ علي تبا چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ايندڙ ٻن سالن تائين بهتر ٿيڻ جو امڪان ناهي. هن چيو ته پيداواري صنعت کي بهتر بڻائڻ لاءِ توانائي جي قيمت ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ضروري آهي. گل احمد ڪمپني جي ڊائريڪٽر زياد بشير چيو ته پاڪستان ۾ پاليسين جو تسلسل ناهي، صنعتي شعبي کي ڪيئن پلان ڪرڻ گهرجي؟هرڪو ڄاڻي ٿو ته مسئلو ڇا آهي ۽ حل ڇا آهي. هن چيو ته ايف بي آر وٽ سمورو ڊيٽا آهي  پر اها ان تي ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. سي اي او اسسٽم لميٽيڊ آصف پير چيو ته معيشت هاڻي حدون پار ڪري چڪي آهي، پاڪستان مان ٽيلنٽ جي ٻاهر وڃڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. ٽاپ لائين سيڪيورٽي جي سي اي اوهن چيو ته ٽيڪس کان ڇوٽ ختم ڪئي وڃي، ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان جو واپار  ڪڏهن به نه وڌيو آهي. لمز جي پروفيسر علي حسنين چيو ته هنگامي قدم کڻڻ سان ايڪسپورٽ نه ٿي وڌي سگهي، 2013ع کان 2017ع تائين ڊالر جي قيمت کي روڪڻ بدران ان ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي ها.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، سومر 29 اپريل2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.