آمريت پردي ۾ لڪيل آهي،عدليه ۽ پارليامينٽ کان مايوس آهيون: اختر مينگل

لاهور(عوامي آواز نيوز) بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر جان مينگل چيو آهي ته عاصمه جهانگير فائونڊيشن جا ٿورائتا آهيون جيڪي هر سال پروگرام منعقد ڪري ملڪ ۾ انڌير نگري تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏين ٿا، منهنجي ۽ منظور پشتين جي ڳالهين سان گذريل ڀيري ڪجهه ماڻهن جو روزگار هليو ويو هو،عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن ملڪ ۾ نه مارشل آهي نه ئي اگهاڙي آمريت آهي پر سائي جهنڊي ۽ آئين ۾ ويڙهيل باپرده آمريت ۽ مارشل لا ته آهي، ڳالهين جي اهميت کان ڪير نٿو سمجهي،75 سال ٿي ويا آهن اڃا تائين اهو سمجهه ۾ نه اچي سگهيو آهي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن ۽ ڳالهيون ڪرڻ وارا ڪير هوندا؟هن چيو ته  قوم پرستن جي ڳالهه ايندي آهي ته رڳو بلوچستان جا قوم پرست سمجهيا ويندا آهن پر  اڄ تمام پارٽيون قوم پرست آهن، ن ليگ جاگ پنجابي جاگ جو نعرو هنيو،لوڪل ڊوميسائل جي ڳالهه ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت آصف علي زرداري آهي، جڏهن خراب وقت ايندو آهي ته مقامي ۽ غيرمقامي ڊوميسائل جي ڳالهه ڪندو آهي،اها پارٽي سنڌ جي قوم پرست پارٽي آهي،پي ٽي آءِ جي ڳالهه ڪريون ته  علي امين گنڊاپور جو ٻه ڏينهن اڳ بيان ظاهر ڪري ٿو ته اها خيبرپختونخوا جي قوم پرست پارٽي بڻجي وئي آهي،انهن قوم پرستن سان ڳالهيون ٿينديون،اين آر او تحت خون جي رپورٽن جي بنياد تي انهن کي سهولت ڏني ويندي،9 مئي جا واقعا نظرانداز ڪيا ويندا، هن چيو ته سوال اهو آهي ته ٻلي جي ڳلي ۾ گهنٽي ڪير ٻڌندو، بلوچ قوم پرست ٻلي آهن يا اسٽيبلشمينٽ ٻلي آهي، اها ٻلي هر ڏيڍ سالن کانپوءِ پنهنجي خونخوار پنجن سان اسان کي ۽ اسان جي ٻارن کي ڏاڙهيندي رهي آهي،اسان جي ٻارن کي اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج جو به حق نٿو ڏنو وڃي ٿو،اسان کي اها خبر نه هئي ته جي ايڇ ڪيو جي ايڪسٽينشن اسلام آباد تائين اچي وئي آهي،اسان جبري گمشدگين تي ڳالهايون ٿا ته  ملڪ جو وزيراعظم چوي ٿو ته اسان”بااختيار“ ماڻهن سان ڳالهائي توهان کي جواب ڏينداسين،بااختيار ڪير ٿيو، وزيراعظم ته نه ٿيو؟ بلوچستان ۾ مايوسي ان حد تائين پکڙجي چڪي آهي توهان ڪنهن سان ڳالهيون ڪندا؟ جيڪي ماڻهو پاڪستان جي آئين اندر رهي جدوجهد ڪري رهيا آهن انهن لاءِ توهان ڪا جاءِ ئي نه ڇڏي آهي، گذريل چوويهه پنجويهه سالن ۾ جيڪي اليڪشن ٿيون آهن ان ۾ ڊاڪٽر مالڪ ۽ مان ان جو زندهه مثال آهيون،هن چيو ته  مان پاڪستان جي جمهوريت، پارليامينٽ ۽ سياسي پارٽين مان مايوس ٿي چڪو آهيان، اها نااميدي بنا سبب ناهي،ان حد تائين اسان کي پهچائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جماعتن،عدليه جو هٿ آهي، ڳالهين لاءِ ڪا راهه هموار ڪرڻي پوندي، اعتماد جا قدم کڻڻا پوندا، پهرين توهان متاثرن جي فرياد ته ٻڌو، هن چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ ظلمن جو ذڪر ڪريون ٿا ته چوندا آهن ته اهي حد کان وڌي ويا آهن انهن کي پارليامينٽ ۾ اچڻ ناهي ڏيڻو، 8 فيبروري تي اسان کي ڳالهائڻ جي سزا ڏني وئي، هن چيو ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو اڳڪٿي ڪندڙ به اهي اڳڪٿيون نٿو ڪري سگهي جيڪو اسان جو آءِ ايس آءِ جو ڪرنل ڪندو آهي ته انهن(اسان) جي حق ۾ ايتريون سيٽون اينديون، اسان جڏهن اسيمبلين ۾ گمشدگين ۽ مظلومن لاءِ ڳالهائيندا هئاسين ته آسپاس ويٺلن به ڊيسڪون پئي وڄايون اڄ به انهن ڊيسڪن جي فارنزڪ ٽيسٽ ڪرائجي ته انهن تي ملڪ جي موجوده صدر، وزيراعظم ،اسپيڪر جا فنگر پرنٽس موجود هوندا، تڏهن انهن کي اسان جون ڳالهيون سٺيون ۽ دلچسپ لڳنديون هيون،هن چيو ته هتي آئين جي بحالي،عدليه جي آزادي،پارليامينٽ جي بالادستي، صوبن جي خودمختياري، پارليامينٽ کي خودمختيار، ميڊيا جي آزادي لاءِ به تحريڪون هليون آهن، ڪڏهن اسان خواب ۾ به نه ٻڌو ته فوج جي آزادي ۽ فوج جي خودمختياري لاءِ ڪڏهن ڪا تحريڪ هلي هجي، عدليه، پارليامينٽ ۽ ميڊيا آزاد ناهن، انهن سڀني جي آزادي ۽ خودمختياري اڊيالا جيل ۾ نه پر جي ايڇ ڪيو ۾ قيد آهي،جيستائين انهن کي آزادي نٿي ملي تيستائين هي ملڪ ائين هلندو رهندو، اهو سلسلو ڪيستائين هلندو اهو پنجاب جي ماڻهن کي سوچڻ گهرجي، اسان کان ڳالهه چڙهي وئي آهي،بلوچستان جي قوم پرستن سان ڳالهين جو سلسلو ان ڪري نه پيو شروع ٿئي ڇو ته جيڪي ”بااختيار “ ماڻهو آهن اهي ڪڏهن نه چاهيندا ته بلوچستان جو مسئلو حل ٿئي جيئن پاڪستان ۽ ڀارت ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ نٿا چاهين، ڪنهن جي ديڳ پچي رهي آهي ڪنهن جو ڪو مسئلو آهي هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ نه پهرين چاهيندي نه هاڻي چاهي ٿي ته  بلوچستان جومسئلو حل ٿئي، اسٽريٽ ڪرائم کان وٺي شورش تائين بلوچستان ۾ جيڪڏهن ڪو فائدو کڻي رهيو آهي ته اها اسٽيبلشمينٽ آهي، ان تڪرار کي بنياد بڻائي اليڪشن ۾ نتيجا تبديل ڪيا وڃن ٿا،نامزدگي فارم کان وٺي فارم 47 تائين جا ”اگهه“ مقرر ڪيا ويا،رڳو اليڪشن ڪميشن نه ڪرنل هاشم جو نالو ته توهان ٻڌو هوندو،بلوچستان تڪرار جي بنياد تي هتي اسمگلنگ ٿئي ٿي، منشيات، تيل ۽ ٻيو سامان اسمگل ڪيو وڃي ٿو، ان ڪمائي ۾ مقامي ماڻهن کي ته 10 سيڪڙو ملندو هوندو 90 سيڪڙو ڪمائي ته ڪامورن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ماڻهن جي ٿئي ٿي،سينيٽ چونڊ ۾ سيٽ بڪ ڪرائڻ لاءِ ”برگيڊيئر“ سان ريٽ مقرر ڪيو ويندو آهي،نيشنل پارٽي جي سربراهه مالڪ بلوچ چيو ته منهنجي دور ۾  سمورين پارٽين جي خواهش هئي ته ڳالهين ٿيڻ گهرجن، ڳالهيون ٿيون ته اسٽيبلشمينٽ جو هڪ حلقو ان جي حق ۾ نه هو ۽ اهو بلڪل حاوي هو،گذريل اليڪشن ۾ بلوچستان،ڪي پي، فاٽا،گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ محدود سليڪشن ڪئي وئي،هن ڀيري اليڪشن ۾ ٻوليون لڳيون، گوادر ۾ مون 27 هزار ووٽ کنيا منهنجي مخالفت ۾ بيٺل اميدوار 40 هزار ووٽ کنيا،اهو اميدوار ته ان علائقي جو ئي نه هو، مان دعويٰ ڪريان ٿو ته هن کي 40 خاندان به نه سڃاڻيندا هوندا،سردار اختر مينگل قلات جي سيٽ کٽي رهيو هو، بلوچستان جي حقيقي نمائندن کي اهميت ڏيڻي پوندي،هن چيو ته  اڄ منهنجو وفاق ۽ آئين کي مڃيندڙ ڪارڪن مون کان سوال ڪري ٿو ته ڊاڪٽر ڪيستائين اسان کي خوار ڪندئو؟ اسان جي پارٽي جون 10 سيٽون کسيون ويون، پارليامينٽ، ميڊِيا، عدليه ڍانچا بڻجي ويا آهن انهن ۾ جان ناهي رهي،عدليه خود انصاف گهري رهي آهي، پاڪستان کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيو؟ جج، پارليامينٽ،صحافي ڊڄي رهيا آهن، سياسي پارٽين مفاهمت ڪري پي ڊي ايم جي روح هن اليڪشن مان ڪڍي ڇڏي،وڪيل اڳواڻ ياسين آزاد هن ملڪ جي بدقسمتي آهي ته چونڊيل حڪومتن کي ڪيرايو وڃي ٿو، منهنجي عدليه ڪنهن به مارشل لا کي غيرقانوني قرار ناهي ڏنو، سياستدان چون ٿا ته اسان معصوم آهيون، پارليامينٽ سڀ کان وڌيڪ مضبوط هئڻ گهرجي، جنرل جي ايڪسٽينشن جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ويو ته ٽن ڏينهن تائين معزز جج چوندا رهيا ته اسان کي قانون ۽ آئين اجازت نٿو ڏئي،منهنجي ان ئي عدليه بعد ۾ ساڳئي ئي جنرل کي ڇهن مهينن لاءِ ايڪسٽينشن ڏئي ڇڏي، معاملو پارليامينٽ ۾ ويو ته ان وقت جي حڪومت ۽ وڏن سياسي پارٽين ان جنرل کي ايڪسٽينشن ڏئي ڇڏي،مان هتي سوال ٿو ڪريان ته ان جنرل ۾ اهڙي ڪهڙي قابليت هئي جنهن کي ٽن سالن لاءِ ايڪسٽينشن ڏئي ڇڏي،توهان کي حڪومت ته ملي ٿي پر اختيار نٿا ملن، اڄ به اختيار انهن وٽ آهن جن جو آئين ۾ سياست ۾ ڪو ڪردار ناهي،آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه سان ڳالهائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، هن ملڪ کي اڳتي وڌڻ لاءِ ڪير ڪردار ادا ڪندو؟ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ جبري گمشدگين جو معاملو ناهي؟ سياستدان ٻڌائن ته اسان جي فوج ايگزيڪيٽو جي تابع آهي يا نه؟طاقتور ماڻهن مان جان ڇڏائڻي آهي ته منهنجي هڪ تجويز آهي،ان تي عمل ڪرڻ مشڪل هوندو، سمورا سياستدان هڪ پليٽ فارم تي اچن، سياستدان چون ته اسان ان وقت تائين اليڪشن ۾ حصو نه وٺنداسين جيستائين توهان سياست ۾ مداخلت ختم نٿا ڪريو،هن چيو ته ڪنهن به معاشي ماهر 25 ڪروڙ عوام کي آءِ ايم ايف جي وڪڙ مان آجو ڪرائڻ لاءِ تجويز ناهي ڏني،30 هزار پگهار کڻندڙ ڪيئن گذارو ڪري سگهندو هوندو؟ اسٽيبلشمينٽ جو ڊپ ۽ خوف ختم ٿيڻ تائين پاڪستان ڪڏهن به ترقي نه ڪندو، هن چيو ته پاڪستان تي 25 هزار کرب رپين جو قرض آهي، اهو قرض ڪيئن ادا ٿيندو؟ ايڊوڪيٽ اختر حسين چيو ته هزارين اسڪول گهوسٽ بڻيل آهن، 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن،صحت سهولتون ميسر ناهن، هتي غربت جي لڪير هيٺيان ماڻهن جو انگ وڌي رهيو آهي، پورهيتن کي حق نه پيا ملن،ڪارپوريٽ فارمنگ ايڪٽ تحت 90 لک ايڪڙ فوج کي ڏني پئي وڃي، هاري جي زندگي جو ڇا ٿيندو؟ زرعي سڌارا ته پري جي ڳالهه اسان جي ملڪ ۾ ڪا زراعت جي پاليسي ناهي،جبري گمشدگيون وڌي ويون آهن، آخر ۾ رڳو لاش ئي ملن ٿا، ججن ادارن جي مداخلت تي سخت ردعمل ڏنو آهي، سياسي پارٽيون عدليه، معاشي۽ معاشي معاملن ۾ ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت روڪين،سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته سمورن سياسي اڳواڻن کي ڊائريڪشن ٺيڪ ڪرڻي پوندي،58 ٽو بي جي خاتمي باوجود عدليه ٻه ڀيرا ان جو استعمال ڪري ٻن وزيراعظم کي گهر موڪليو، پ پ اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اسان جي رياست لاءِ سياسي ڊائلاگ تمام ضروري آهي،پ پ هميشه جمهوريت ۽ انساني حقن جي ڳالهه ڪئي،عوام کي انصاف،تعليم ۽ صحت جي فراهمي حڪومت جي ذميواري آهي.

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، سومر 29 اپريل2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.