عمران کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين مان ڪجهه ملي سگهي ٿو؟

اسلام آباد (نجم سيٺي) عمران خان هڪ ڏينهن ڪا ته ٻئي ڏينهن وري ٻي ڳالهھ ڪندو آهي ان تي اعتبار ڪرڻ ٺيڪ نه آهي،عمران خان کي  صرف اهو کٽڪو آهي ته جيڪڏهن موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ سندس عوامي مقبوليت گهٽجي ويندي،موجوده حڪمران جڏهن مخالف ڌر ۾ هئا ته ان وقت به هاڻي به پي ٽي آئي سان ڳالهين لاءِ تيار آهن پر عمران هڪ ڏينهن ڳالهين لاءِ تيار ته وري ٻئي ڏينهن ڪا ٻئي ڳالھ ڪندو آهي. شبلي فراز اهو ضرور چيو آهي ته عمران خان هاڻي سياستدانن ۽ فوج سان ڳالهيون ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي پر اهو ته پي ٽي آئي جا ٻيا ليڊر به ڪندا رهن ٿا. عمران خان ماضي ۾ پارليامينٽ جي قانوني حيثيت ۽ بالادستي کي تسليم ڪرڻ بجاء ان کي گارگند ڪندو رهيو آهي. ان جي باوجود حڪومت چاهي ٿي ته عمران خان سان ڳالهيون ڪجن ته جيئن اسٽيبلشمينٽ کان ڪجهھ وٿي ملي. ڳالهيون ڀلي ٿين به پر ان مان نڪرندو ڪجھ به ڪو نه. عمران کي صرف اهو خوف آهي ته ڪٿي ڪو ٻيو اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪري نه اچي وڃي. شگر انڊسٽري کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي ڪمند بدران ڪا ٻئي پوک ڪئي وڃي ته وڏو فائدو ٿيندو. شگر انڊسٽري ته خطرناڪ آهي ۽ ان مان سبسڊي ورتي وڃي ٿي. شگر ا نڊسٽري سياسي رشوت آهي ۽ ان ۾ آصف علي زرداري به ملوث آهي. شگر انڊسٽري جي سبسڊي بند ڪئي وڃي. ان جي باوجود ڪڻڪ ۽ کنڊ امپورٽ به ڪئي وڃي ٿي ته ايڪسپورٽ به ڪئي وڃي ٿي.

نوٽ: نجم سيٺي جو تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 29 اپريل2024ع تي شايع ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.