لاهور(عوامي آواز نيوز) اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر رضا باقر چيو آهي ته جيستائين سياسي معاملا درست نه ٿيندا تيستائين معاشي صورتحال بهتر نٿي ٿي سگهي، اسان جي ملڪ تي قرضن جو بار اصل ۾ ڄاڻايل انگن اکرن کان به وڌيڪ آهي،عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان تي واجب الادا قرض معيشت جو 77 سيڪڙو آهي،قرضن جو اهو سلسلو وڌي رهيو آهي،اسان کي الزام بازي مان نڪري پاليسي ٺاهڻي پوندي،قرض ان ڪري ورتا ڇو ته خرچ آمدني جي برابر ناهن،پاڪستان ۾ هڪ هزار ٻارن مان 62 پيدا ٿيندي ئي مري وڃن ٿا،پاڪستان ۾ هيپاٽائٽس جي بيماري 7 سيڪڙو ۽ بنگلاديش ۾ زيرو سيڪڙو آهي،17 سالن کان قرض وڌي رهيو آهي ته ان ۾ حڪومت جو مسئلو آهي،هن چيو ته خسارو گهٽ ڪرڻ ڪنهن هڪ پارٽي جي وس جي ڳالهه ناهي،ايس آءِ ايف سي ٻاهريان سرمايو آڻڻ سان گڏ تعليم تي به ڌيان ڏئي،بجيٽ خساري جون سموريون سياسي جماعتون ۽ حڪومتون ذميوار آهن،معاشي ماهر شاهد حفيظ ڪاردار چيو ته ارڙهين ترميم باوجود 43 ڊويزنون آهن نه ڪامورا نه ئي سياستدان چاهين ٿا ته اهي گهٽ ٿين، بليو ايريا ۾ اهڙا اهڙا سرڪاري ادارا موجود آهن ته ماڻهو پڇي ٿو ته اهو ادارو ڪري ڇا ٿو؟ لکين ملازم رکيل آهن، اسسٽنٽ ڪمشنر کي به لينڊڪروزر ڏنل آهي، وفاقي حڪومت ۽ صوبا تمام وڏا ايمپلائمينٽ بيورو آهن، پينشن جون بقايائون 25 کرب رپين تائين پهچي چڪيون آهن ،هن چيو ته آءِ ايم ايف جي ايندڙ پروگرام کان اڳ 8 ارب ڊالر ادا ڪرڻا پوندا،اسان جا ملڪي ۽ پرڏيهي قرض حڪومتي آمدني کان 6سئو 70 سيڪڙو وڌيڪ آهن،حڪومت جا هڪ هزار چار سئو کان وڌيڪ ترقياتي منصوبا هلي رهيا آهن، انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 14 سال لڳندا،پئسا گڏ ڪرڻ کان وڌيڪ اسان جا خرچ وڌيڪ آهن،هن چيو ته اسان جنهن اسٽيج تي اڄ آهيون ان جا ذميوار پاڻ آهيون، 45 سالن کان ساڳئي طرز حڪمراني هلي رهي آهي،اسمگلنگ اسان کان روڪجي نٿو.
نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، سومر 29 اپريل2024ع تي شايع ٿي