اسحاق ڊار ڊپٽي وزيراعظم بڻجي ناڻي وزارت ۾ راڄ ڪندو،اسٽيبلشمينٽ ناراض ٿي سگهي ٿي؟

لاهور/اسلام آباد(مزمل سهروردي+گوهر بٽ) اسحاق ڊار ڊپٽي وزيراعظم بڻجي ناڻي وزارت ۾ راڄ ڪندو،اسحاق ڊار جي ڊپٽي وزيراعظم بڻجڻ سان فوج سان ناراض ٿي سگهي ٿي،هڪ ته راءِ آهي ته پ پ وفاقي ڪابينا ۾ واپس اچڻ چاهي پئي، ٻاهر ويهڻ جو ڪو به فائدوناهي،بلاول کي ڊپٽي وزيراعظم بڻائڻ جون ڳالهيون هليون،ن ليگ اسحاق ڊار کي عهدو ڏئي بلاول جو رستو روڪي ڇڏيو  آهي،فيصل ڪريم ڪنڊي اسحاق ڊار کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بلاول ته ڊپٽي وزيراعظم نه پيو بڻجڻ چاهي، اسحاق ڊار هاڻي ناڻي وزارت ۾ مداخلت ڪندو، پ پ کي پيغام ملي ويو ته بلاول کي سادي وزارت ئي ملندي، جسٽس منصور علي شاهه عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ خطاب ڪري عدليه ۾ مداخلت خلاف شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه ۾ تحريڪ انصاف جي معاملي تي جهيڙو  هلي رهيا آهن،عدليه جا جج پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺل آهن ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالفت ۾ بيٺل آهي، اسٽيبلشمينٽ جو خيال آهي ته 9 مئي واقعن جي جوابدارن کي ضمانت نه ملڻ گهرجي،عدليه جو خيال آهي ته 9 مئي واقعو ڪو ايترو وڏو ڏوهه ناهي،جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊرز هائوس تي حملن تي ضمانت ملڻ گهرجي، پي ٽي آءِ بابت ڪيسن تي اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جي موقف ۾ تضاد آهي، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ وڏو نوحو پڙهي رٽائرمينٽ جي تقريب کي خطاب ڪيو ۽ اهو پٽڪو ڪيو ته مون تي هڪ سياسي جماعت جي حمايت جو غلط الزام آهي، جڏهن هن تي الزام آهي ته هن رات 10 وڳي عدالت کولي پي ٽي آءِ جي زرتاج گل کي ضمانت ڏني،سوال اهو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ڪنهن عام عورت کي انصاف ڏيڻ لاءِ ڪڏهن رات مهل عدالت جا دروازا کولرايا؟پاڪستان جي عدليه به ملٽري اسٽيبلشمينٽ وانگر جڊيشل اسٽيبلشمينٽ بڻجي وئي آهي، ججن اندر اها سوچ پيدا ٿي وئي آهي ته اسان فوج جي چوڻ تي ڪنهن کي ڪڍي سگهون ٿا ته پوءِ اسان پاڻ به ڪڍي سگهون ٿا،فوج اسان کي استعمال ڪري ٿي، عدليه جي آزادي عام ماڻهن جي ڪيسن لاءِ نه پئي گهري وڃي، ان کي رڳو هڪ سياسي جماعت جي سهولتڪاري ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ کي سرنگون ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي،عدليه برابري واري انصاف لاءِ جدوجهد ڪري ته ڪنهن کي به اعتراض نه هوندو،عدليه اندر احتساب جو نظام تمام ڪمزور آهي، هڪ مظاهر علي نقوي کي ڪڍڻ سان ڪرپشن جو خاتمو نٿو اچي وڃي،سول جج کان وٺي مٿي تائين عدليه ۾ ڪرپشن تمام گهڻي آهي، هڪ تاريخ وٺڻ لاءِ جج جي نڪ هيٺيان ويٺل ريڊر پئسا وٺي ٿو،غيرآئيني ۽غلط فيصلن تي احتساب جو ڪو به نظام ناهي، عدليه هڪ مقدس ڳئون بڻيل آهي،عدليه پاڪستان جي سياسي نظام ۾ مداخلت ڪري رهي آهي،جڏهن ته جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ٻن ٻيڙين جو سوار آهي،هو اليڪشن ڪي پي ۾ هارايو آهي، پنجاب ۾ ته نه هارايو آهي، هن ڪيترائي ڀيرا اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙا به ڪيا آهن ۽ ٺاهه به ڪيو آهي،هو ته ڌرڻو به فوج جي چوڻ تي ختم ڪري ڇڏيندو آهي،هن جا فوج سان لو اينڊ هيٽ رليشن شپ هلندو رهندو آهي،فوج کي هن سان ڊيل ڪرڻ ايندو آهي،  پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي ڊپٽي وزيراعظم جي ذميواري به ڏني وئي آهي، ان سان کيس ناڻي واري وزارت ۾ دخل اندازي جو اختيار ملي ويو آهي. هو ن ليگ جي سربراهه نواز شريف جو سڀ کان وڌيڪ اعتماد وارو ماڻهو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي مصروفيتن سبب اسحاق ڊار کي پارٽي جي اڳواڻن سان رابطن جي ذميواري هوندي. اڄ تائين صرف ٽي نائب وزيراعظم رهيا آهن، پهريون امين الدين، ٻيو پرويز الاهي ۽ ٽيون اسحاق ڊار کي بڻايو ويو آهي.

وزيراعظم پاران  اسحاق ڊار ڊپٽي وزيراعظم مقرر

اسلام آباد (م ڊ)پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي وزيراعظم شهباز شريف ڊپٽي وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو آهي. شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم  ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ۾ موجود آهي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ان سان گڏ آهي. دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف اسحاق ڊار کي ڊپٽي وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو. ڪابينه ڊويزن اسحاق ڊار جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو فوري طور تي لاڳو هوندو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسحاق ڊار کي ڊپٽي وزيراعظم بڻايو ويو آهي. اسحاق ڊار پاڪستان جو چوٿون ڊپٽي وزيراعظم آهي، ان کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو، نصرت ڀٽو ۽ پرويز الاهي به وزيراعظم رهي چڪا آهن. ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اسان جي دور ۾ به پرويز الاهي ڊپٽي وزيراعظم رهيو آهي، اسان حڪومت کي سٺا مشورا ڏينداسين. اسحاق ڊار کي ڊپٽي وزيراعظم بڻائڻ جي حوالي سان پيپلز پارٽي سان مشاورت ڪئي وئي هوندي.

نوٽ: هيءَ خبر، ۽ مزمل سهروردي/ ظفر بٽ جو تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 29 اپريل2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.