بلوچستان ۾ رياستي جبر تي عدليه ۽ پارليامينٽ خاموش آهن: ماهه رنگ بلوچ

لاهور(اسد طور) انساني حقن جي ڪارڪن ۽ بهادر بلوچ نياڻي ماهه رنگ بلوچ چيو آهي ته هتي انسانيت تي يقين رکندڙ ماڻهو به آهن،عورتون رياستي تشدد جو وڏو شڪار آهن، توهان انهن مائرن جو درد ڪڏهن نه محسوس ڪري سگهندو جن جا ڳڀرو پٽ مسخ ٿيل لاش جي صورت ۾ ملن ٿا،عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته بي رحم رياست کي چوي ٿي ته جڏهن آخري ياد ان پٽ جو ديدار آهي ته ان کي مسخ نه ڪيو وڃي،اهي لاش ايترو ته مسخ ڪيا وڃن ٿا ته جنم ڏيندڙ ماءُ به ان کي سڃاڻڻ کان انڪاري هوندي آهي،ڪالونيل دور جون پاليسيون ماڻهن کي ڳهنديون رهنديون، عورتون سڀ کان وڌيڪ انهن جنگين ۾ ڏک ۽ ظلم سهي رهيون آهن،لاپتا بلوچ مائرن ۽ ڀينرن جو درد محسوس ڪريو، اسان  عورتن کي اجتماعي سزا کان نه بچائي سگهياسين، بلوچ عورتون پنهنجي پيارن جي گمشدگين سان گڏ جنسي ۽ جسماني تشدد جو شڪار ٿي رهيون آهن،اهي غيرانساني سلوڪ جو شڪار آهن، بلوچستان جي متاثر عورتن لاءِ به آواز اٿارڻ گهرجي، سڀ کان وڌيڪ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته بلوچ عورتن جي پيڙا تي نه فيمنسٽ نه ئي انساني حقن جا علمبردار ڳالهائن ٿا،هن چيو ته بلوچستان جون عورتون هن خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ ظلم ۽ ڪالونيل تشدد جو شڪار آهن،جبري گمشدگيون رياست پاران هڪ قهر بڻجي نازل ٿيون آهن،صوبي جا وسيلا لٽجي رهيا آهن، اڄ هڪ ماءُ،ڀيڻ،گهرواري 20،20 سالن  کان پنهنجي پيارن جي گمشدگي تي تڙپي تڙپي زندگي گذاري رهي آهي،عورتن کي اغوا ڪري فوجي ڪئمپن ۾ رکيو وڃي ٿو، ڊيٿ اسڪواڊ جي ڪارندن سان ننڍي ڄمار جون نياڻيون پرڻايون وڃن ٿيون ۽ انهن کي جنسي غلام طور رکيو وڃي ٿو،هن چيو ته پنجگور ۾ نياڻين جي اسڪولن تي حملا ڪيا وڃن ٿا،بلوچستان جي صحافين، استادن کي کنڀيو وڃي ٿو،بلوچستان ۾ جاري جنگ سبب عورتن جي تعليم، صحت سميت سمورا سماجي حق سخت متاثر آهن،سوين عورتون پيارن جي گمشدگين سبب نفسياتي مسئلن جو شڪار آهن، بلوچ نسل ڪشي جو اهو ڀيانڪ منظر آهي، اسان جا ماڻهو هڪ نارمل زندگي گذارڻ وساري ويٺا آهن، عيد ڏهاڙن تي به 25 شهرن ۾ جبري گمشدگين تي مظاهرا ٿين ٿا،هن چيو ته توهان ٽريلين ڊالر خرچ ڪري به بلوچستان جو اميج دنيا کي صحيح نٿا ٻڌائي سگهو،سچ کي لڪائي نٿا سگهو،هر ظلم ۽ جبر تي جيستائين بلوچ زندهه آهي اهو ڳالهائيندو،رياستي ظلم ملٽري اسٽيبلشمينٽ پاران ڪيو وڃي ٿو ته ان تي پارليامينٽ ۽ عدليه مڪمل طور خاموش آهي،گئس، سون،بندرگاهه جهڙيون نعمتون رکندڙ بلوچستان جي سرزمين ٻن ڏهاڪن کان رڳو لاش ڏٺا آهن،اهي لاش اسان جي اجتماعي درد جو حصو آهن، نومبر 2023ع ۾ معصوم بالاچ مولابخش کي کنڀڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪري 10 ڏينهن جو رمانڊ ورتو وڃي ٿو،هن جي ماءُ خيراتون ڪيون ته گهٽ ۾ گهٽ پٽ زندهه ته آهي پر ٻن ڏينهن بعد بالاچ کي دهشتگرد ڄاڻائي ماريو وڃي، دهشتگرد هو نه پر توهان آهيو،بالاچ جو قتل رڳو ملٽري ادارن نه عدليه تي به ڪارو داغ آهي،جبري گمشدگيون کي ڏوهه قرار ڏنو نٿو وڃي، عدالتن ۾ ڪيس حل نٿا ٿين، پاڪستان جي عدليه جبري گمشدگين جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، بلوچستان جي ماڻهن کي شروع کان وٺي مينڊيٽ جو حق نه ڏنو ويو، ڏنڊي جي طرز حڪمراني توهان ڪيستائين هلائيندا؟ اسان پرامن تحريڪ به رياستي جبر جو شڪار آهي، پشتون ڪارڪن کنڀڻ،سنڌي قوم پرستن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ پنجاب ۾ سياسي ڪارڪنن خلاف انساني حقن جي ڀڇڪڙين جي مذمت ڪريون ٿا، هن رياست بلوچن جي تحريڪ کي پنجاب مخالف قرار ڏنو آهي پر ايئن ناهي،اسان مظلوم قوم آهيون،بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا،پاڪستان ۾ محڪوم قومن جي تحريڪن جي حمايت ڪرڻي پوندي.

نوٽ: اسد طور جو تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 29 اپريل2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.