ڪراچي ۾ ڪارروائي، هڪ گهر مان 3 ڪروڙ 20 لک رپين جي ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ايف آءِ ار اينٽي مني لانڊرنگ سرڪل ڪارروائي ڪندي هڪ گهر مان ڪروڙين رپين جي ملڪي توڙي پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪري ورتي آهي، هڪ گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي پي اي سي ايڇ ايس ڪراچي ۾ هڪ ٻيو ڇاپو هنيو ويو. ڇاپي دوران گهر مان 32 ملين رپين جي ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي، جنهن ۾ 63762 آمريڪي ڊالر، 49170 يورو، 3100 سعودي ريال، 252 سنگاپوري ڊالر، 210 قطري ريال ۽ 299500 پاڪستاني رپيا شامل آهن ايف آءِ اي موجب جوابدار هٿ آيل ڪرنسي بابت اختيارين کي مطمئن نه ڪري سگهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.