سائين جي ايم سيد جي وجود کان معافي وٺڻ گهرجي

اڄ سائين جي ايم سيد جي 29 هين ورسي آهي پاڻ سال 1995ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويا هيا پر تيستائين هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي تاريخ ٺاهي ڇڏي هئي. اهڙين شخصيتن کي ”تاريخ ساز“ چئبو آهي. جن پنهنجي حصي جي تاريخ ٺاهي هجي جيڪڏهن ملڪي تاريخ کي ڏسجي ته سائين جي ايم سيد ان حوالي  ۾ به تاريخ جو هڪ باب آهي. سائين جي ايم سيد پهرين شخصيت هئي جنهن سڄي ملڪ مان سڀ کان اڳ ۾ سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو هئو.

سائين جي ايم سيد پوءِ اڳتي هلي ان قومي ڌارا مان ڇو نڪتو ۽ هن ملڪي نظام ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جو مستقبل ڇو اونداهو سمجهيو ۽ سنڌ جي نجات ڪهڙي نظريي ۾ سمجهي سا تاريخ هو پاڻ پنهنجن ڪتابن ۾ لکي ويو آهي ۽ سڄي ڄمار پنهنجي لکت ۽ نظريي تي پوءِ آخري وقت تائين قائم رهيو.

بهرحال  ڪجهه به هجي سائين جي ايم سيد هڪ اهڙي شخصي ۽ سياسي تاريخ آهي جنهن مان سبق پرائڻ گهرجي. اها ڳالهه رڳو سياسي جماعتن ۽ قومن لاءِ نه ٿي چئبي پر خود ملڪن کي به سائين جي ايم سيد جي شخصي ۽ سياسي زندگي مان سبق پرائڻ گهرجي.اسان جي ملڪ کي سائين جي ايم سيد  مان اهو سکڻ گهرجي ته پاڪستان کي 1940ع واري ٺهراءُ جي روح پٽاندڙ ڇو نه هلايو ويو ۽ اها ئي منهن موڙ هئي جنهن سائين جي ايم سيد کي ان پاليسي جو مخالف بڻايو. سائين جي ايم سيد کي اعتراض هو ته ملڪ کي 1940ع واري ٺهراءُ تحت ڇو نه ٿو هلايو وڃي. اهو 1940 وارو ٺهراءُ ئي ته هو جنهن جي سنڌ اسيمبلي ۾ سائين جي ايم سيد حمايت ڪئي هئي پوءِ اڳتي هلي جڏهن هي ملڪ ان ٺهراءُ تي نه هليو ته هن سياسي  ۽ نظرياتي طور تي پاڻ کي ڌار ڪيو ۽ سنڌ جي آجپي جون نئون نظريو وجود ۾ آندو.ٻيو ته سائين جي ايم سيد ملڪ جي قومن ۽ قومي ٻولي جي وجود جو قائل هو. 1940ع وارو ٺهراءُ جو روح به اهو ئي هو پوءِ جيڪڏهن اڳتي هلي انکي پٺي ڏني وئي ۽ ملڪ کي ”نظريئه ضرورت“ تحت هلائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي ته پوءِ سائين جي ايم سيد کي حق هو ته هو پنهنجا سياسي رستا ڪهڙا ٿو اختيار ڪري.

اصولي طور تي سائين جي ايم سيد پنهنجي ثابت قدمي ۽ اصولن سبب تاريخ ۾ سرخرو رهيو. اهو ئي سبق آهي جيڪو ملڪن کي سائين جي ايم سيد مان سکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪو هڪ شخص سنڌ اسيمبلي ۾ 1940ع واري ٺهراءُ جي روح کي ملڪ ۽ قومن جو محافظ پيو سمجهي تنهن کان ملڪ کي ڌار ڪيو ويو ته هن به پنهنجو رستو مٽائي ڇڏيو.سو جيئن اڄ ملڪ جي اعليٰ عدالت ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو اعتراف ڪيو آهي تيئن هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي به سائين جي ايم سيد جي روح کان معافي وٺڻ گهرجي ته هو اصولي طور تي غلط نه هو پر جن نظريئه ضرورت تحت ملڪ کي هلايو سي غلط هيا ۽ اڄ ملڪ جي جيڪا به مجموعي شڪل آهي سا 1940ع واري ٺهراءُ واري ناهي باجود ان جي ته 23 مارچ 1940ع واري ڏينهن کي اڄ به ملڪ قومي ڏينهن طور ملهائيندو آهي ته پوءِ سائين جي ايم سيد ڪيئن غلط هو؟

پاڪستان کي دنيا اندر سٺي ساک قائم ڪرڻ لاءِ سوچڻو پوندو

پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي آمريڪا پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ بيحد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل سال پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال ۾ ڪا خاص تبديلي ناهي آئي. رپورٽ ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندين جي نشاندهي ڪئي  وئي آهي، عدالتن کان مٿانهن قتلن ۽ جبري گمشدگين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. بلوچستان ۾ مخالفن جي اغوا، تشدد ۽ قتل جي ڪيسن، توهين مذهب جي آڙ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين، اقليتن کي نشانو بڻائڻ، شدت پسندي جي وڌندڙ لاڙي تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

ان رپورٽ جي اصولي طور تي پاڻ آجيان ڪريون ٿا. اها بلڪل حقيقت آهي ته پاڪستان اندر انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عام جام آهن، لاقانونيت جو ڏيهه بڻيل آهي. ڪا اهڙي انساني  توڙي اخلاقي ڀڃڪڙي ناهي جيڪا اسان جي ملڪ ۾ نه ٿيندي هجي. اها به سرهائي جي ڳالهه آهي ته  آمريڪا ان جو سخت نوٽيس ورتو آهي. اهو نوٽيس هڪ اهڙي ملڪ ورتو آهي جنهن جي پاڪستان وٽ تمام گهڻي اهميت آهي. هي اهو ملڪ آهي جنهن پاڪستان جي معاشي حالت بظاهر بهتر ڪرڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي پر پاڪستان کي جنگي هٿيار ۽ مالي قرض ڏيڻ ۾ خاص ڪري آمريڪا ڀرجهلو رهيو آهي. ان آمريڪا جي پاڪستان هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي به ناهي سگهندو پر نائين اليون واري واقعن کانپوءِ خاص ڪري دهشت گردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو خيال آهي ته پاڪستان توقع موجب ساڻس وفاداري ناهي ڪئي تنهن ڪري ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿيڻ شروع ٿيا، جنهن نتيجي ۾ پاڪستان، چين سان معاشي معاهدا ڪرڻ شروع ڪيا. خاص ڪري سي پيڪ جو معاهدو ڪيو جنهن کانپوءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ويتر خراب ٿيڻ لڳا.

وري هاڻي جڏهن پاڪستان پنهنجي ٻئي پاڙيسري ملڪ ايران سان ويجهڙائپ ڏيکاري ۽ اسرائيل تي ڊورن حملن باوجود پاڪستان ايران جي صدر کي دعوت ڏئي گهرايو ۽ ان سان ڪجهه معاهدا ڪيا ته آمريڪا لڳي ٿو ته مٿس سخت ناراض ٿي ويو آهي. ان ڪاوڙ جي نتيجي ۾ ان پاڪستان جي ميزائيل ٽيڪنالاجي جي مدد ڪندڙ چين ۽ ٻين پرڏيهي ڪمپنين تي پابندي هنئي آهي ۽ هاڻي پاڪستان انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث قرار ڏئي رهيو آهي. اهو سڀ پاڪستان ۽ آمريڪا جي خراب لاڳاپن جون نشانيون آهن. آمريڪا اصل ۾ پنهنجي ڪاوڙ ڏيکاري رهيو آهي.

پر اسان ان باوجود ان حقيقت يا سندس نشاندهي کان انڪار نٿا ڪري سگهون پر اهو ضرور چونداسين ته جيڪو ملڪ پاڪستان کي انساني حقن جي سڌاري جي تنبيهه يا تاڪيد ڪري رهيو آهي سو پاڻ سڄي دنيا اندر انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث رهيو آهي ۽ هڪڙين سامراجي مداخلت سبب ان دنيا جا ڪيترائي ملڪ پنهنجي مخالف ۽ دشمن بڻائي ڇڏيا آهن. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پهريون آمريڪا پاڻ کي انساني حقن جي تحفظ جو علمبردار ملڪ بڻائي ڏيکاري ڇهن مهينن کان اسرائيل غزا تي جيڪا جنگ ڪري رهيو آهي تنهن کي روڪڻ لاءِ آمريڪا کي جيڪو ترت ٺاهه ڪرائڻ گهربو هو سو امن پسند ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ته ڇا اڃا به اهو چئجي ته اها جنگ وڌائڻ ۾ آمريڪا جو ئي فيصلائتو ڪردار آهي.

سو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪو آمريڪا پاڪستان کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو طعنو ٿو ڏئي سو پاڻ دنيا اندر انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪيترو ٿو ڪردار ادا ڪري. جيڪڏهن آمريڪا واقعي به پاڪستان اندر انساني حقن جي تحفظ کي چاهي ٿو ته ان جو کيس عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي به انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي ۽ دنيا اندر ان حوالي سان سٺو تاثر قائم ڪرڻ گهرجي. اها سٺي ڳالهه ناهي ته پاڪستان جو دنيا اندر غير جمهوري انتها پسندي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو تاثر هجي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.