تنگواڻي مان وڌيڪ 3 پورهيت اغوا ٿي ويا، انگ وڌي 5 ٿي ويو، وارثن جو ڌرڻو

تنگواڻي (رپورٽ: مھتاب ملڪ) ٺل پوليس جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارصلاح بنگلاڻي ڀرسان نامعلوم   هٿياربندن 2 پورھيتن  محمد عامر سرڪي ۽  خادم حسين سرڪي کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، مغوين جو  تنگواڻي تعلقي ۾ تعداد وڌي 5 ٿي ويو، وارثن عرض محمد سرڪي، اميربخش سرڪي، الھڏنو سرڪي ۽ عورتن پاڪ ڪتاب کڻي ٺل – ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي نظر واهھ اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، روڊ بلاڪ هجڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون، وارثن پاران  مغوين جي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيوويو، مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻو آخري اطلاعن تائين جاري رهيو. ٻئي طرف تنگواڻي جي ڳوٺ علي بخش بجاراڻي جو رهواسي نوجوان صدام حسين ملڪ جي اغوا جي تصديق ٿي وئي، ڌاڙيلن مغوي جي ڀاءُ فدا حسين کي سندس ئي نمبر تي ڪال ڪري 9 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي، مغوي جي وارثن عامر ملڪ، فداحسين ملڪ ۽ ٻين چيو آهي ته رڪشو هلائيندڙ اسان جو پورهيت نوجوان ڪالهه واپس نه آيو، سندس نمبر تان ڌاڙيلن ڳالهائي 9 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، مغوي جي وارثن وڌيڪ چيو ته مزودري ڪري 2 ويلا مشڪل سان گذر سفر ڪيون ٿا، ڀنگ لاءِ پئسا ڪٿان آڻيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.