سيد جو فڪر ۽ حق سچ جا منڪر 

تحرير:سراج ڪلھوڙو

درٻاري دانشور جي موجودگي ھر دور ۾ رھي آھي ، تاريخ جي پنن کي پڙھندي چٽي طرح محسوس ڪري سگهجي ٿو ته گهڻو تڻو بدڪردار ۽ بڇڙن ماڻھن جي ساراھ جا ڍڪ ڀريا ويا آھن ۽ کين مافوق الفطرت ڪري پيش ڪيو ويندو رھيو آھي . مادر وطن سنڌ جيڪا اڄ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوري آب تاب سان پنھنجي وجود جو احساس ساري سنسار ۾ ڏئي رھي آھي ، سا تاريخ جي مختلف دورن ۾ ھزارين حملن ۽ ھزارين رھزنن سان پنھنجي وجود جي بقا لاءِ  برسر پيڪار رھي آھي.

جڏھن به ڌارين سنڌ تي وار ڪيو آھي ته ھنن ھڪ پاسي ساڻن مزاحمت ڪندڙ جوڌن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آھن ته ٻئي پاسي ھنن سنڌ جي علم ادب ۽ تاريخ کي تاراج ڪري ھٿ ٺوڪيا ۽ من گهڙت قصا ، ڪھاڻيون ۽ ڪردار جوڙي ايندڙ نسلن کي منجهائڻ ۽  قومي تشخص کان بيگانگي اختيار ڪرائڻ جھڙيون سازشون سٽيون آھن . اھو ئي سبب ھيو جو جڏھن ارڙھن سئو ٽيتاليھن ۾ سنڌ انگريزن جي قبضي ھيٺ اچي وئي ته ان کان پوءِ  ھڪ ڊگهي عرصي تائين جھڙوڪ منظم ۽ شعوري سطح سان ٽٻ سنڌ وطن جي سنئين سڌي آزاديءَ  لاءِ  ڪا چٽي ڪوڪ ٻڌڻ ۾  به نه پئي آئي.

ائين به نه ھيو ته ڌاريي سامراج خلاف سنڌين ڪا مزاحمت نه ڪئي يا غلاميءَ  کي قدرت جو لکيو سمجهي قبول ڪيو .  پر چوڻ جو مقصد آھي ته واضح ۽ کليل نموني سان سنڌ جي آزاديءَ  يعني ان جي الڳ ملڪي حيثيت جي بحاليءَ  جي سڌي گهر نه ڪئي ھئي جنھن حيثيت ۾ انگريزن مٿس جنگ مڙھي قبضو ڪيو ھيو.

البته ھيمون ڪالاڻيءَ  جهڙي ننڍڙي نينگر پنھنجي ساٿين سان گڏجي پنھنجي ڌرتيءَ  تان انگريزن جا پير اکيڙڻ لاءِ  بھادري جا اڻ مٽ نشان به ڇڏيا ته  پير صاحب پاڳاري جي حر تحريڪ به انگريز سامراج سان لڳاتار چوٽون به پئي کاڌيون ته وري ٿرپارڪر جي روپلي ڪولھي به ننگر پارڪر جي ڏونگرن کي پنھنجو ڏڍ بڻائي ڌارين کي ڌڪڻ جي ڀرپور  ڪوشش ڪئي ھئي . نه رڳو اھو پر جديد دور جي  تقاضائن موجب سائين جي ايم سيد،  شھيد الله بخش سومرو ، شيخ عبدالمجيد سنڌي  ٻين به پنھنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ  جي سنڌ جي آزاديءَ  واري پروگرام توڙي جدوجھد جون به چٽيون شاھديون ملن ٿيون ته لاڙڪاڻي جي بئريسٽر جان محمد جوڻيجي جي ھجرت تحريڪ جو ذڪر توڙي قربانين سان ڀريل تاريخ جا ماخذ پڻ موجود آھن.  سندن اھڙي ڪردار ۽ جدوجھد سبب انگريز سامراج نوي سالن جي ڊگهي غلاميءَ  سبب ختم ٿيل قومي وحدت مان سنڌ ھڪ نئون جيئدان حاصل ڪري نئين سري سان گڏيل ھندستان جي ھڪ صوبي طور سامھون آئي.

پر چوڻ جو مقصد اهو آھي ته ان سموري عرصي ۾ به آزاد سنڌ جي آجپي باقاعده گهر ۽ جدوجهد جو ڪو پڙاڏو يا گوگاءُ جھڙوڪ ٻڌڻ ۾ نه آيو ھيو. مان سمجهان ٿو ته ان جو بنيادي سبب ڊگهي عرصي تائين سنڌ جي غلاميءَ  واري حيثيت کان وڌيڪ جيڪو سنڌ کي مختلف وقتن تي گڏيل ھندستان ۾ شامل رکيو ويو اھو ئي عنصر ڪارفرما ھيو. ڇاڪاڻ ته قومن يا ملڪن جو غلام بڻجڻ ايڏو خطرناڪ نه ھوندو آھي ، جيترو ڪنھن قوم يا ملڪ جو وجود ختم ڪري ڪنھن ٻئي ملڪ ۽ ڪنھن قوم جو حصو بڻائڻ واري ترڪيب ۽ تدبير ان کي نقصان ڏيندي آھي .

سنڌ سان به ڪجهھ ائين ئي ٿيو، خاص ڪري انگريزن جي ان دور ۾ سنڌ جي ماڻھن منجهان پنھنجي وطن ۽ قوم جي جداگانه تشخص وارو احساس جھڙوڪ ختم ٿيڻ جي حد تائين گھٽجي ويو ، ۽ ان عرصي ۾ سنڌ جو ماڻھو پاڻ کي گڏيل ھندستان جو حصو سمجهڻ لڳو. انگريزن جيڪو ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو وارو فارمولو جوڙيو ھيو ، تنھن تحت ھندو ۽ مسلم  ٻه الڳ ڌريون ٿي سامھون آيون، ۽ ان بنياد تي ھندستان جي ورھاڱي جا سانباھا ٿيڻ لڳا .

سنڌ ۾ مسلم آبادي جي گهڻائي سبب سنڌ مسلم حصي ۾ شمار ٿيڻ لڳي ۽ بدقسمتيءَ  سان جڏھن ھندستان جو ان بنياد تي ورھاڱو ٿيو ته سنڌ جي غير مسلم آبادي جي وڏي حصي پاڻ کي ھندو  جي بنياد تي پنھنجي اباڻي وطن ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهي لڏڻ شروع ڪيو  ۽ غير مسلم آباديءَ  واري حصن مان سازشي ۽ ڪرمنل ذھيت رکندڙ مسلم آباديءَ   جي ھڪ نه کٽندڙ سلسلي لڏ پلاڻ ڪري سنڌ جو رخ ڪيو.  اھڙي صورتحال ۾ انگريزن ويندي ويندي خاص طور ان مسلم ھندستان واري حصي جون واڳون پنھنجي وفادارن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ نتيجي ۾ سنڌ آزاد ۽ خود مختيار حيثيت ماڻڻ بدران انگريزن جي انھن وفادار ڌارين جي قبضي ۾ اچي وئي، جنھن سبب ھڪ پاسي ھندو آباديءَ  سنڌ مان ڌڙا ڌڙ لڏڻ شروع ڪيو ته وري سنڌ جي اڪثريتي مسلم آبادي پنھنجي سياسي نابالغي سبب ڌاري مسلم آباديءَ  جي وڌندڙ يلغار خلاف ڪو مؤثر قدم کڻڻ کان مجموعي طور جھڙوڪ پري رھي نتيجي طور سنڌ لڳاتار وڌيڪ مصيبتن ۾ ڦاسندي رھي .

اھڙي مصيبت سنڌ سان ورهاڱي کان شروع ٿي وئي ۽ پھرين ئي ڌڪ ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ترقي يافته شھر ڪراچي جيڪو سنڌ جي گاديءَ  جو هنڌ به ھيو سو سنڌ کان ڦريو ويو  ۽ ڪراچيءَ  جون ملڪيتون سنڌين کان ڦريندي ھندستاني حڪمرانن نون ايندڙ ھندستاني پناھگيرن ڏيڻ شروع ڪيون.  ۽ سنڌ مان ھندن کي انھن ٻاھران گهرايل دھشتگردن کي ھشي ڏئي حملا ڪري پنھنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. جنھن به اھڙي صورتحال خلاف آواز اٿاريو ته ان کي  چٿڻ ۾ ويرم ئي نه ڪئي وئي .

سائين جي ايم سيد ته پھرين ڏينھن کان سخت  عتاب جو شڪار ھيو پر بعد ۾ جڏھن سنڌ جي وزير اعلي ايوب کهڙو ڏٺو ته سنڌ سان ھيئن ناحق ٿي رھيو آھي ته ھن جي به قومي غيرت جاڳي، پر ڌاريا ايترو مڙھجي چڪا ھئا جو ايوب کهڙو جي جاڳ کيس ئي گهر ڀيڙو ڪرائي ڇڏيو ۽ سنڌ جا سور بدستور برقرار رھيا ۽ انھن ۾ اضافو ٿيندو رھيو. ۽ اڳتي ھلي ون يونٽ مڙھي انگريز دور جي ياد تازي ڪئي وئي جڏھن سنڌ جو وجود ئي نه ھيو . پر ھتي ھڪڙي وضاحت ته انگريزن جي دور ۾ سنڌ  کي صوبائي حيثيت ته مليل نه ھئي پر ان جي باوجود سنڌ جي ڊويزن  واري حيثيت  ۾ ئي نه رڳو سنڌ جي پاڻيءَ  جي حقن ، توڙي سنڌي ٻوليءَ  جي ترقيءَ  ۽ ان جي سنڌ ۾ نفاذ لاءِ  شاندار ڪوششون ورتيون ويون ۽ سنڌ ۾ آبپاشيءَ  ،  تعليم، صحت ، ريلوي ، سڙڪن سوڌو  ٻيا ڪيترائي اھڙا شاندار ڪم ٿيندا رھيا جن تي اڄ به جھڙوڪ سنڌ جا شاندار عمارت جڙيل آھي، انگريزن دور ۾ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ  جي ڪا خاص حرڪت نه ٿي ھئي، نه وري سنڌي ٻولي وغيره خلاف ڪا سازش جڙي ھئي.

سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌ جي ٻين قومي حقن جي لتاڙ يا سنڌ جي وجود خلاف به ڪي سازشون ان سطح جون نه ٿينديون ھيون .. پر انگريزن کان پوءِ ون يونٽ جوڙي سنڌ جون زمينون ، سمنڊ معدنيات ۽ ٻيون ملڪيتون ڌارين کي ڏنيون ويون ، پاڻي تي قبضو ۽ ٻولي کي ميسارڻ جون به بدترين حرڪتون ٿيون، جنھن سبب سنڌ جي ماڻھن ۾ قومي شعور ڀڙڪو کائي ظاھر ٿيو، ۽ سڄي سنڌ ، سنڌيت سان سرشار محسوس ٿيڻ لڳي . مسلم ھندستان جنھن کي پاڪستان جو نالو ڏنو ويو ھيو، ان پاڪستان ۾ ويل رڳو سنڌ سان نه ھيو پر بنگال به انهن ساڳين حق تلفين جو شڪار ھيو، جنھن جي آبادي به وڌيڪ ھئي ته ھن جو جاگرافيائي لحاظ کان به پاڪستان جي حق تلفين جو مستقل شڪار رھڻ ممڪن نه ھيو، تنھن ڪري ستر واري دور ۾ انھن مان جان ڇڏائڻ لاءِ  پاڪستان سرڪار ھنن کي باقاعده دشمن ملڪ جيان چڙھائي ڪري لکين بنگالين کي ڪھي ڇڏيو. ۽ نتيجي ۾ عالمي ادارن جي مداخلت سان بنگال ھڪ جدا ملڪ جي صورت اختيار ڪري ويو.

ملڪ جي اھڙي صورتحال کي پيش نظر سائين جي ايم سيد کي وري اميد جاڳي ته ھڪ ته ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجو سنڌي آھي . ٻيو اسٽيبلشمينٽ بنگال جي سانحي توڙي پاڻ سان ئي ٿيل جٺ تي ڪو سبق سکيو ھوندو . ان تحت اڳين مامرن کي وساريندي ڀٽي صاحب ڏانھن خير سگاليءَ  جو ھٿ وڌايو ،

دراصل ون يونٽ ۽ ايوب خان جي مارشل لا کانپوءِ  ملڪ ۾ ڪو به آئين نه بچيو ھيو ، ستر واري چونڊ به ان بنياد تي ڪرائي وئي ھئي ته چونڊيل اسيمبليءَ  مان نئين آئين جي منظوري ڪرائي ويندي . جنھن صورت ۾ ھي سانحو ٿي ويو ته ڀٽي صاحب سويلين مارشل ايڊمنسٽريٽر بڻجندي حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ مارشل لا جي ڇاپ لاھڻ لاءِ  آئين جي تڪڙي گهرج ھئي . ان بنياد تي 1972ع جو عبوري آئين جوڙيندي جڏھن ملڪ جي ٻين سياستدانن خاص طور بلوچ ۽ پٺاڻ سياستدانن سان ڀٽي صاحب رابطو ڪري کانئن سھڪار گهريو ته ھنن ڀٽي صاحب سان سھڪار کان انڪار ڪيو ۽ ڀٽي صاحب سندن سھڪار لاءِ  سائين جي ايم سيد سان رابطو ڪري مدد گهري ته سائين جي ايم سيد ان ساڳئي خير سگاليءَ  ۽ نيڪ نيتيءَ  جي بنياد تي ڀٽي صاحب جي مدد ڪري بلوچ ۽ پٺاڻ اڳواڻن کي سندس مدد لاءِ  راضي ڪري ورتو.

پر افسوس جو اسٽيبلشمينٽ ايڏين ڏکين حالتن ۽ ھاڃن مان به ڪو سبق نه سکيو ۽ پنھنجي پراڻي بڇڙي روش کي قائم رکيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.