عمران خان جي ضمانت ڪير ڏيندو؟

تحرير: انصار عباسي

ٻه ٽي ڏينهن اڳ مونکي هڪ ذريعي کان خبر پئي ته ڪجهه اهم شخصيتون عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ معاملا سلجھائڻ  لاءِ ويچار ڪري رهيون آهن. ان کانپوءِ منھنجي انھن مان هڪ شخص سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ان ڳالهه جي تصديق ڪندي مونکي ٻڌايو  ته ”پاڪستان جي خيرخواهن“ جو هڪ گروپ جنهن ۾ ھو پاڻ بھ شامل آھي، سو نھ  رڳو عمران خان ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ  حل ڪرڻ لاءِ  ڪا حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي،بلڪھ سياسي جماعتن  وچ ۾ دشمني ۽ نفرت جي سياست کي به ختم ڪرڻ چاهي ٿو.

مون کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ ٽي ”پاڪستاني خيرخواه“ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪجهھ ٻيا ماڻھون بھ ان گروپ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا ،ته جيئن قومي هم آهنگي ۽ سياسي استحڪام لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ تي ويچاري سگهجي. هن وقت تائين جيڪي ٽي ماڻهو هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن انهن مان ٻه اڳوڻا وفاقي وزير آهن جڏهن ته ٽيون شخص مشهور رٽائرڊ ٿري اسٽار جنرل آهي. اهي ٽيئي ڄاتل سڃاتل چهرا آهن، مون کي ٻڌايو ويو ته هن مرحلي تي اهي پاڪستان جا خيرخواھ  پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، پر ايندڙ ڏينهن ۾ اھي سامهون اچي سگھن ٿا.

هن گروپ لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو هوندو ته عمران خان ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ وڇوٽي کي ڪيئن ختم ڪجي ۽ عمران خان ۽ ٻين سياسي پارٽين کي ڪيئن گڏ ويھاريو وڃي ؟  ان حوالي سان منهنجي هڪ خبر روزاني جنگ ۽ دي نيوز ۾ شايع ٿي هئي، گذريل ڏينھن منھنجو  پنهنجي ذريعي سان  ٻيھر رابطو ٿيو، جنهن تي هن چيو ته ممڪن آهي ته سندن ڪوششن جو هڪ ٻن مهينن ۾ ڪو نتيجو نڪري سگهي، اهو طئي ٿي ويندو ته آيا اسٽيبلشمينٽ  عمران خان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي يا نه ؟

”خير خواهن“ جي ان گروپ لاءِ شايد سڀ کان وڏو چئلينج اهو هوندو تھ عمران خان جي ضمانت ڪير  ڏيندو ته هو جيڪا ڳالهه ڪندو ان تي قائم رهندو. عمران خان جو ٽريڪ رڪارڊ ڏٺو وڃي ته هو الزام هڻڻ جو بادشاهه آهي، هو ڪو به الزام ڪنھن تي بھ لڳائي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سان ڪا انڊر اسٽينڊنگ ٿئي ٿي  ته ان  ۾ عمران خان کي ڪهڙيون ڪھڙيون رعايتون ڏئي سگهجن ٿيون.

جيڪڏهن عمران خان اھو مطالبو ڪري ته موجوده حڪومت کي ختم ڪري اقتدار سندس حوالي ڪيو وڃي ته ڇا اهو ممڪن آهي؟ جيڪڏهن عمران خان چوي ته سندس ۽ سندس پارٽيءَ جي دعويٰ موجب ھنن کي قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبليءَ ۾ اضافي سيٽون مھيا ڪرڻ جي لاءِ موجودھ قانوني ۽ عدالتي رستن کان ھٽي ڪري ڪو ڪم ڪيو وڃي تھ ڇا اهو ممڪن آهي؟ 9 مئي جي حوالي سان ڇا اسٽيبلشمينٽ ڪنھن عام معافي جو اعلان ڪري فوجي تنصيبات ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملو ڪندڙن کي وساري سگھي ٿي؟

هن وقت موجوده حڪومت ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ  پاڪستان کي معاشي مشڪلات مان ڪڍڻ جي لاءِ يڪسو آھن.جنھن جي بنياد تي مون کي  ممڪن نظر نٿو اچي تھ عمران خان ۽تحريڪ انصاف کي اھو ڪجهھ ملي سگھي.جنھن جو اھي مطالبو ڪن ٿا.جنھن جو مقصد موجوده حڪومت کي روانو ڪري عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت لاءِ رستو صاف ڪيو ڪرڻو پوندو. جن نقطن تي اتفاق ٿي سگهي ٿو اهي هي آهن ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس کي ميرٽ تي هلڻ ڏنو وڃي، بار بار گرفتارين کان پاسو ڪيو وڃي، جن ڪيسن ۾ ڪي ثبوت نه آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي.

اليڪشن بابت مون کي ڪنھن آئوٽ آف باڪس ڪنھن حل جي توقع نھ آھي.ھا  مستقبل لاءِ ڪنھن اھڙي  روڊ ميپ ٺاهڻ تي ضرور ڳالھھ ٿي سگهي ٿو ۽ ان تي ٿيڻ بھ گهرجي، ته جيئن اسين ماضي جون غلطيون هرهر  نه ورجايون، سياستدان گڏجي ويهن ۽ آئين موجب راند جي اصولن تي اتفاق ڪن.

اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ڪردار جي خاتمي لاءِ آ ئين مطابق هر اداري کي پنهنجي اختيارن جي دائري ۾ رهي ڪرڻ جي لاءِ سياستدانن جو گڏجي ويھڻ لازمي آھي. ڇا عمران خان جيڪو پنهنجي سياسي مخالفن سان هٿ ملائڻ لاءِ به تيار نه هو، ھاڻي پنھنجي پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.