سائين جي ايم سيد جون اڳڪٿيون درست ثابت ٿي رهيون آهن

تحرير: ساگر سولنگي

سائين جي ايم سيد سنڌ ۽ سنڌي قوم جو عاشق هو جنهن پنهنجي قوم کي نظرياتي سوچ سمجهه سان روشناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخري دم تائين ان ڳالهه تي قائم رهيو. سائين جي ايم سيد پنهنجي نظريي ۾ صاف ۽ چٽو رهيو جيڪا ڳالهه شايد ملڪ جي حاڪمن کي پسند نه هئي جنهن جي ڪري سائين جي ايم سيد جي زندگي جا 32  سال قيد  و بند ۾گذريا۔ سائين جي ايم سيد پنهنجي حياتي ۾ جيڪي اڳڪٿيون ڪيون سي آهستي آهستي درست ثابت ٿيون.

هن وقت ملڪ جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ صحيح ۽ غلط جي نظرياتي سوچ ۽ سمجهھ ۾ فرق پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

سائين جي ايم سيد ڪڏهن به تشدد پسند نه هو. سائين هميشه عدم تشدد جي ڳالهه ڪئي. اڄ جڏهن سائين جي ايم سيد اسان جي وچ ۾ ناهي تڏهن ان جي نظريي فڪري سوچ تي هلندڙ سيد جي فڪري پوئلڳن جي لاءِ ملڪ تمام گھڻيون ڏکيائون در پيش آهن ۽ سائين جي ايم سيد  جي نظريي کي دفن ڪرڻ جون سازشون هلن پيون پر ڏاهن جو چوڻ آهي  ته نظريا ڪڏهن به ناهن مرندا ۔۔ نه ختم ٿيندا آهن سائين جي ڪتابن ۾ قلم جي نوڪ سان سجائيل هر هڪ لفظ گواهي ڏين ٿا  ته سنڌ سان ظلم آهي سنڌ جي  قومي سوچ ۽ فڪري نظرين تي سختيون آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.