سنڌ ۾ بدامني تي ضابطو خواب بڻيل!

تحرير: انور جوڻيجو

سنڌ جي اترين علائقن ۾ ڌاڙيلن تي ڪنٽرول ڪرڻ خواب بڻجي چڪو آهي، هر ايندڙ ڏينهن ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن، سنڌ جي دل ڪراچي ۾ هر ايندڙ  ڏينهن ڦرون، ڌاڙا،  قتل جون وارداتون ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ بجاءِ وڌنديون رهن ٿيون، امن ڄڻ ته خواب بڻجي چڪو آهي.  سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني تي  ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ   جيالي سرڪار ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن ايف بي آر جو 18 هين گريڊ جو آفيسر  عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيو هو ته سنڌ جو گهرو وزير ضياءُ  لنجار  گهوٽڪي پهچي بااثرن توڙي  تڪ جي چڱن مٺن سان گڏجاڻيون ڪري  آفيسر کي  بازياب ڪرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هو، جڏهن گهرو وزير ، آءِ جي سنڌ، ڪنڌڪوٽ  ۾ بدامني تي اجلاس ڪري رهيا هئا، وقت تي هٿياربند ڪنڌڪوٽ مان ماڻهو اغوا ڪري  رهيا هئا،  ميڊيائي مبصر ان کي  گهرو وزير کي هٿياربندن جي سلامي جو نالو ڏئي رهيا هئا، جڏهن آءِ جي سنڌ، گهرو وزير جي علائقي ۾ هوندي ماڻهو اغوا  ٿي رهيا آهن ته انهن وارداتن ۾ ڪير ملوث آهي.

اهو سوال منهنجي دماغ ۾ ٺڪاءُ ڪري گهمي رهيو آهي، ڇا ان بدامني ۾  هڪ  اهڙي گروهه جو هٿ ٿو ته نه ٿو ٿي سگهي، جيڪي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آهن؟  اهڙيون وارداتون ٿين ٿيون ته   پوءِ امن ڪيئن ٿيندو، اهو واقعي خواب مثل آهي،  جڏهن حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو ۽ انهن جا پٽ ڏوهارين کي هٿيار فراهم ڪندا هجن ۽ انهن کي وري ڪير به هٿ نه لاهي سگهي  ۽  هٿيارن ۾ ملوث ماڻهو ضمانت ڪرائي وڃن ته  سوچجي ٿو ته هن  بدامني  تي گهڻا ئي سوال جنم  وٺن ٿا ۽  اهڙي طرح امن قائم نه ٿو ٿي سگهي.

جيالي سرڪار کان  جڏهن  سنڌ ۾امن بابت سوال ڪجي ٿو ته هو نگران سرڪار تي الزام مڙهي چئي رهيا آهن، اسان کي بدامني نگران سرڪار کان ورثي ۾ ملي آهي، جئين اڳ چوندا هئا ته   بيروزگاري، مهانگائي، بدامني، اسان کي  گذريل حڪومت مان  ورثي ۾ ملي آهي، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد  سميت اترين ضلعن ۾ هٿياربند پوليس چوڪين تي حملا ڪن ٿا، اهلڪارن کي شهيد ڪن ٿا،  قانون  جي رٽ چيلينج ڪن ٿا، پر هنن کي چوڻ وارو ڪير ڪونهي.گذريل ڏينهن هٿياربندن آنديل سندراڻي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪندي هڪ اهلڪار شهيد ڪرڻ بعد  ٻن اهلڪارن کي اغوا ڪيو،  ٻڌايو پيو وڃي ته  هٿياربندن اهلڪار کي ڊوڙائي ڊوڙائي زمين ۾ قتل ڪيو، پر هن کي بچائڻ لاءِ  پنهنجا ساٿي به  نه آيا ۽ پناهه وٺڻ لاءِ  لڪي ويا،

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.