شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ تحقيقي پوسٽر مقابلا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ جي خاص ھدايتن تي ORIC  طرفان ٻي ھڪ روزا تحقيقي پوسٽر مقابلي جو انعقاد ڪيو ويو.

تحقيقي نمائش ۾ ھڪ سو کان وڌيڪ پوسٽر مقابلي لاء پيش ڪيا ويا ، پوسٽر نمائش ۾ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سمورن ڪاليجن سميت پوسٽ گريجوئيٽ جي شاگردن ڀرپور حصو ورتو.

ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ چيو تہ يونيورسٽي جو حقيقي ڪم تحقيق آھي ۽ اسان ان تحقيق جو ڀرپور آجيان ڪنداسين جنھن جو سڌو فائدو عام ماڻھو کي پھچي ٿو.

ڊاڪٽر مير حسن چيو تہ ھي پنھنجي نوعيت جي ٻي تحقيقي پوسٽر نمائش آھي ،يونيورسٽي سدائين تحقيق کي فروغ ڏنو آھي.

پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ضمير احمد سومرو ORIC جي ڪاوشن جي ساراھ ڪئي.

تحقيقي نمائش ۾ پھرين ڏھن کٽندڙ ٽيمن کي وائيس چانسلر طرفان ڏھ ڏھ هزار نقد انعام ڏنا ويا.

پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن مان پھرين پوزيشن ڊاڪٽر ايم پي شھاڻي ، ٻي پوزيشن پروفيسر سراج الدين سومرو ، ٽين پوزيشن ڊاڪٽر قرت العين حاصل ڪئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.