اسلاموفوبيا يا اسلام دشمني  

تحرير: رياض ابڙو 

يورپي ملڪ ايترا ته خوفزده آهن جو اهي هڪ فوبيا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، اهي سمجهن ٿا ته انهن جيڪڏهن اسلامو فوبيا جو خيال مڃي ورتو ته اهي آرام سان جي ويندا ۽ ماڻهن (غيرمسلم دنيا) کي ورغلائي ويندا. ان ڪري ته اهي معاشرا پاڻ پنهنجي اندر مسلمانن جي خلاف هڪ سخت نفرت ڦهلائڻ چاهين ٿا ته جيئن اهي انگريز معاشرا مسلمانن کي ماري مڃائن ۽ انهن جي خلاف نفرت شروع يا شروع ڪيل نفرت ڪنهن صورت تيز ڪري سگهن. اهي سڀ انگريز معاشرا پاڻ هڙتو سخت ترين ”رجڊ“ ٿيڻ چاهين ٿا. اهي سمجهن ٿا اهي هاڻي اسلاموفوبيا جو سهارو وٺن ۽ ان ڳالھه  کي ڦهلائين ته مسلمان آهن ئي اهڙا جهڙا غيرمسلم پيش ڪن ٿا.

ڇو ته اهي ان ڳالھه  ۾ مضبوط ترين آهن ته اهي جيڪي به پروپيگينڊا ڪن ٿا اهي ڪري ٿا وڃن ۽ ثابت ڪرڻ جي لاءِ اهي مذهبي گروھن کي مثال بڻائين ٿا. ان ڪري ته آمريڪا جڏهن ويٽنام مان ڀڄي نڪتو ته واپس نه آيو پر افغانستان مان پنهنجي مضبوط ليگيسي ڇڏي نڪتو. جيڪي طالباني شڪل ۾ دنيا جي ان اسلاموفوبيا کي ثابت ڪن ٿا ته اهي جيڪي به ڪن ٿا ان ۾ اسلام جي بدنامي آهي ٻيو ڪُجھه  به نه، ۽ انهن انگريزن جي بيان کي تقويت ملي ٿي. اهي ان ڳالهين ۾ پاڻ مڃائن ٿا ته اهي جيڪي ڪن ٿا اهو سڀ اسلاموفوبيا جي سوچ کي سگهارو ٿو ڪري.

پر ان جي ابتڙ اسان وٽ شيون ائين اسٽريم لائين ناهن جيئن يورپي ۽ انگريز سوسائٽين ۾ آهن. مثال اسان ”ايڪوفينا“ پاڻي پي به اسرائيل کي بدشد چئون ٿا پر ان پاڻيءَ جي برانڊ کي ختم نه ٿا ڪيون يا ان جو نعم البدل نه ٿا آڻيون يا ”نيسلي“ جي پروڊڪٽس کي کڻي نه به وٺون پر ان جي جوڙ جون شيون ٺاهڻ کان به قاصر آهيون ته پوءِ اسان وٽ يهودي يا عيسائي ”سيميٽزم“ ڪنهن ڪم جو ناهي. ان ڪري فائنانشلي ته انهن کي سپورٽ ڪيون ٿا ته انهن کي ڇا جو ڊپ آهي يا هئڻ کپي؟.

”هائوس آف ڪامنز“ (برطانيا) جي اسيمبليءَ گذريل مهيني جيڪي ڪُجھه  ٿيو ان جي باري ۾ ٽي وي شوز جي بحثن جي ذريعي سرسري طور تي اها ڳالھه  سمجهي سگهجي ٿي ته برطانوي جمهوريت کي اسلام پسندي کان نفرت آهي. اهي نه ٿا چاهن ته اسلام ڦهلجي يا وڌي يا ڪنهن طرح اسلام جي تبليغ ڪئي وڃي.

اسلامي انتهاپسندي جيڪا انهن جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي، دنيا ۾ گروهي سياست يا مذهبي سياست جي پشت پناهي جيتري آمريڪا جا ادارا ٿا ڪن شايد ئي ٻيا ڪندا هجن. ان ڪري سي آءِ اي، موساد، را، ايم فائيو ۽ ايم سڪس جهڙيون شاطر ايجنسيون لوڪل ماڻهن کي خريد ڪري انهن جي وچ ۾ اهڙو مضبوط رشتو ڳنڍين ٿيون، جو اهي لوڪل ماڻهو پوءِ ڪنهن جي نه ٿا ٻڌن، اهي سمجهن ٿا جيڪي اهي اسلامي دنيا جي پڙهيل لکيل ماڻهو سمجهائن ٿا اهي پاڻ به نه ٿا سمجهن ۽ جيڪو به سچ آهي اهو انهن طالباني گروهن وٽ آهي. اهي يورپي ۽ دنيا جا انگريز ذهن اهو ٿا سمجهن ته اهي طالبان سڀاڻي انهن ئي يورپي ۽ دنيا جي انگريز قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندا ۽ دنيا جو سڪون تباھ ڪندا، پر ائين هر گز ناهي. اهي طالبان جي اسلام دوست هجن به ها ته سڀ کان پهرين اهي ڪشمير جي لاءِ پنهنجي جهاد جي شروعات ڪن ها، اهي سڀ کان پهرين فلسطين جي مسلمانن جي مدد ڪن هان، پاڪستان جهڙن غريب اسلامي ملڪن جا ته لاھ نڪري ويا آهن، اهي ان ڳالھه  کي سمجهڻ کان قاصر آهن ته آخر انهن شين جو حل ڪهڙو آهي يا ڇا ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ”اسلاموفوبيا“ پنهنجي جاءِ تي ۽ يهودي ”سيميٽزم“ به پنهنجي جاءِ تي شين جو حل رڳو معاشي ترقي ۾ آهي ۽ جيڪي به شيون يهودين جون آهن انهن کي استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏجي ۽ ان جي جاءِ اهڙيون بهترين شيون ٺاهي ۽ کپائي به سگهجن نه ته ٻي صورت ۾ جيڪي به عيسائي ۽ يهودي ملڪ آهن اهي مسلمانن جو اهڙي صورت رت پي ويندا.

اها ڳالھه  به مڃون ٿا جيڪي به مسلمان يورپي ملڪن ۾ رهن ٿا، جيڪي مسلمان آمريڪا ۽ آسٽريليا جهڙن ملڪن ۾ رهن ٿا اهي امن پسند آهن. اها ڳالھه  به مڃون ٿا ماڻهو آمريڪا کي گاريون به ڏيندا آهن پر آمريڪا وڃڻ به چاهيندا آهن ان ڪري وقت جي ضرورت رڳو پاڻ ڀرو ٿيڻ آهي باقي اهي جيڪي به فوبيائون آهن جنهن ۾ انگريز ملڪ ڊنل آهن ته مسلمان انهن جي مٿان ڪو حملو ڪندا يا جيڪي به مسلمان آهن اهي جنت ۽ دوزخ جا واپاري آهن، انهن وٽ اهي سڀ ٽڪيٽون انگريز ملڪن کي ختم ڪرڻ سان ملنديون ته اهو ديواني جو خواب آهي. معني انگريز ملڪ غلط ٿا سوچن، اسان جهڙا جيڪي به غريب ملڪ آهن اهي آءِ ايم ايف سميت سڀني آمريڪي بيڪ هينڊيڊ تنظيمن ڏي واجهائين ٿا، اهي انهن غريب اسلامي ملڪن جي واهر ڪن، ان ڪري ڏمر ڪهڙا به هجن، مسئلا ڪهڙي به نوعيت جا هجن، اهي آهن ئي اسلامي ملڪن ۾ ۽ اهي ٿين ئي اهڙين غريب اسلامي ملڪن ۾ ٿا. مثال دهشتگردي به رڳو اسلامي ملڪن ۾ آهي، جنهن جي پويان به اهي سڀ انگريز ملڪ پاڻ بيٺا آهن، بارشن جا ڏمر به غريب اسلامي ملڪن ۾ ججها آهن، غريب ملڪن کي امدادون به اهي امير ملڪ ٿا ڏين، جيڪي اسلامي هرگز ناهن، ته پوءِ اسلامي فوبيا جي پروپيگينڊا هلائي اسلامي ملڪن کي هروڀرو خوفزده ڇو پيا ڪن ۽ اها دلجاءِ ڪن ته اهي سڀ اسلامي ملڪ ملي به انهن انگريز ملڪن جو ڪُجھه  به نه بگاڙي سگهندا، ان ڪري جيئو ۽ جيئڻ ڏيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.