آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي وارو پروگرام ضروري آهي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي وارو پروگرام ضروري آهي ڇو جو ته آءِ ايم ايف قرض لاءِ آخري رستو هوندو آهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان بابت آءِ ايم ايف بورڊ جو فيصلو هلندڙ هفتي اچڻ جو امڪان آهي ۽ هفتي جي آخر تائين قسط ملڻ سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿي ويندا.
هن چيو ته پاڪستان 24 هين آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃي رهيو آهي پر پوءِ به ڪنهن به پروگرام بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ مالياتي خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جو پروگرام آهي ۽ ڪير هنن کان ڪجهه نه ڪرائي رهيو آهي، بجلي ۽ گئس جي اگهن بابت سندن پنهنجون اوليتون آهن.
هن چيو ته واپارين جي رجسٽريشن بابت مستقبل ۾ ڏٺو ويندو، اميد آهي ته اسڪيم سان بهتري ايندي ۽ ڪنهن به قسم جي ڳڻتي جي ڳالهه ناهي.
ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ ناڻي واڌ تي ضابطي لاءِ قدم کنيا آهن، حڪومتي قدمن سبب ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، پاليسي ريٽ برقرار رکيو ويو آهي، حڪومت زراعت ۽ صنعتي شعبي کي هٿي ڏئي رهي آهي، حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ڪڏهن هيٺ تي ڪڏهن مٿي وڃي رهي آهي، هن وقت اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.