ايراني صدر اڄ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي پهچندو، شهر ۾ عام موڪل جو اعلان، ڪيترائي روڊ بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايران جو صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جو دورو ڪندو، جنهن لاءِ شهر ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي روڊ به بند رهندا.
ايراني صدر جي ڪراچي آمد جي موقعي تي شاهراهه فيصل 3 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بند رهندو.
ان کانسواءِ شاهراهه قائدين گرو مندر کان شاهراهه فيصل، ايم اي جناح روڊ، نيو ايم اي جناح روڊ ۽ مزار قائد جي چوڌاري ضياءُ الدين احمد روڊ به بند رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.