سون جي اگهه ۾ مسلسل لاٿ، هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان في تولي سون جي قيمت ست هزار اٺ سئو رپيا لاٿ کانپوءِ ٻه لک 40 هزار 9 سئو رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 6687 رپيا سستو ٿي 2 لک 6 هزار 533 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ في اونس سون جو اگهه 2289 ڊالرز آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به في تولو سون 3500 سئو رپيا سستو ٿيو هيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.