اڳوڻي سفير جو پاڪ-ايران لاڳاپن ۽ آمريڪي مفاد بابت اهم بيان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جِي اڳوڻي سفير مليِحا لوڌي چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪ-ايران لاڳاپا آمريڪا جي مفاد ۾ ناهن ته اِهو آمريڪا جو مفاد آهي اسان جو نه.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مليحا لوڌي چيو ته پاڪستان جا ايران سان لاڳاپا آمريڪا جو نه اسان جو معاملو آهي.
هن چيو ته ايراني صدر جو دورو انڪري به اهم آهي جو ڪجهه عرصو اڳ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ٿي هئي، ڇڪتاڻ سبب ٿيل نقصان جي ازالي لاءِ به اهڙا قدم ضروري آهن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا 7 ڏهاڪن کان مضبوط رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.