ڊي آءِ خان ۾ مارجي ويل دهشتگرد ڪسٽم اهلڪارن تي تازن حملن ۾ ملوث هئا: سي ٽي ڊي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ڊيرا اسماعيل خان ۾ مارجي ويل اٺ دهشتگرد ڪسٽم اهلڪارن تي تازن حملن ۾ ملوث هئا.
سي ٽي ڊي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، مارجي ويل دهشتگردن ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد جهانزيب پڻ شامل آهي جيڪو ڪسٽم اهلڪارن تي ويجهڙائي ۾ ٿيل حملن ۾ ملوث هو.
سي ٽي ڊي اختيارين موجب، مارجي ويل دهشتگرد ڀتا خوري، سيڪيورٽي فورسز تي حملي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.
سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد وڏي حملي جي رٿابندي لاءِ چرپر ڪري رهيا هئا جنهن دوران ڪارروائي ڪندي سندن فرار ٿيڻ جا سمورا رستا بند ڪيا ويا.
سي ٽي ڊي موجب، مقامي آبادي ۾ دهشتگردي جي سهولتڪارن جي موجودگيءَ جو خدشو آهي ۽ سهولتڪارن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.