” ڊيل تحت آزادي ۽ سمورا ڪيس ختم ڪرڻ جي آڇ، عمران خان جو انڪار“

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خان دعويٰ ڪئي آهي پي ٽي آءِ باني کي ڊيل تحت جيل مان آزاد ڪرڻ سميت سمورا ڪيس ختم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي پر هن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
راولپنڊي جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هجي ۽ هڪ مثبت سوچ لاءِ بيٺو آهي.
عليما خان موجب، عمران خان جو چوڻ آهي ته سندس خلاف جيڪي به ڪيس آهن هو انهن کي منهن ڏيندو.
هن چيو ته عمران خان کي ظلم ۽ غلاميءَ جي زندگيءَ خلاف آواز اُٿارڻ تي جيل ۾ وڌو ويو آهي، جيڪڏهن اسان ظلم خلاف آواز نه اُٿارينداسين ته اِهو وڌندو رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.