وزيراعظم جو ٽئڪس ڪيسز ۾ دير جو نوٽيس، چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو سميت لاڳاپيل آفيسر معطل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ٽئڪس ڪيسز ۾ ڄاڻي واڻي دير جو نوٽيس وٺندي اسلام آباد جي چيف ڪمشنر ان لينڊ ريونيو ۽ سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف حڪومت سنڀالنيدي ئي ايف بي آر سڌارا فوري طور لاڳو ڪرڻ جا آرڊرز جاري ڪندي ذاتي طور ان عمل جي نگراني جو فيصلو ڪيو هو.
ٽئڪس ٽربيونلز ۾ هن وقت حڪومت جا سوين ارب رپين جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، جڏهن ته وزيراعظم چيف جسٽس آف پاڪستان کان سمورا ڪيس جلد اڪلائڻ جي درخواست پڻ ڪئي هئي.
اسلام آباد ۾ ايف بي آر جي وڪيل طرفان عدالت ۾ اهڙي ئي هڪ ڪيس جي تاريخ ۾ دير جي درخواست تي وزيرِاعظم نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور واقعي جي انڪوائري جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قومي ناڻي جا سوين ارب رپيا قانوني تڪرار جو شڪار آهن، ان حوالي سان ڪا به لاپرواهي ۽ ڪوتاهي قبول نه ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.