پاڪستان۾ سيڪيورٽي خدشن سبب عوامي جلسي کي خطاب نه ڪري سگهيو آهيان: ايراني صدر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته غزا بابت اصولي موقف تي پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، اسرائيل سان جنگ ۾ فلسطيني ڪامياب ٿيندا.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد کان لاهور پهتو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز لاهور هوائي اڏي تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي آجيان ڪئي.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي هوائي اڏي کان مزار اقبال پهتو جتي مولانا عبدالخبير آزاد سندس آجيان ڪئي.
پنجاب رينجرز جي جتي مهمان جي مزار اقبال آمد تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي لاهور جي دوري دوران علامه اقبال جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪري فاتحه خواني ڪئي.
ابراهيم رئيسي علامه اقبال کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر قلمبند ڪيا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته علامه اقبال مسلمانن کي نئون رستو ڏيکاريو، جيئن توهان کي پنهنجي قوم تي فخر آهي تئين ايران کي به پنهنجي قوم تي فخر آهي، کين پنهنجي مجاهدن تي وڌيڪ فخر آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ اچي بلڪل به اوپرائپ محسوس نه ٿي رهي آهي، سڪيورٽي خدشن سبب پاڪستان ۾ ميڙاڪي کي خطاب نه ڪري سگهيو آهيان.
سندس چوڻ هو ته غزا بابت پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي، اسرائيل خلاف جنگ ۾ فلسطيني ئي ڪاميابي حاصل ڪندا.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جون دليون هميشه جڙيل رهنديون، فلسطينين جي حمايت ڪرڻ تي پاڪستاني عوام کي سلام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.