شبلي فراز سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شبلي فراز کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي. سينيٽر شبلي فراز کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ان کان اڳ  شبلي فراز انفارميشن اينڊ سائنس ٽيڪنالاجي جو وفاقي وزير هو.

  1. حماس جو حملو روڪڻ ۾ ناڪامي، اسرائيلي انٽيليجنس سربراهه مستعفي

يروشلم(م ڊ)  اسرائيل جي ملٽري انٽيليجنس جي سربراهه ميجر جنرل هارون حاليوا فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف  ڪندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هارون حليوا 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي جي ذميواري قبولي ورتي. هارون حاليوا 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملي کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻ واري سڀ کان سينيئر شخصيت آهي. اسرائيلي فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي سربراهه ملٽري انٽيليجنس سربراهه جي استعيفيٰ قبول ڪري ورتي آهي ۽ سندس خدمتن تي شڪريو ادا ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي ملٽري انٽيليجنس چيف جي استعيفيٰ ٻين فوجي آفيسرن لاءِ رستو هموار ڪري ڇڏيندو ته هو حماس جي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪن.

  1. راولپنڊي ۾ ايف بي آر عملدار جي قتل ۾ ساٿي ملوث هجڻ جو انڪشاف

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي مان اغوا ٿيل ايف بي آر اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رحمت الله خان جو لاش هٿ آيو آهي. پوليس موجب رحمت الله خان کي 12 اپريل تي آر اي بازار ٿاڻي جي  علائقي ڪمال آباد مان اغوا ڪيو ويو هو، هو عيد جي ٽئين ڏينهن دوستن سان ملڻ لاءِ نڪتو ۽ واپس نه موٽيو، اغوا ڪندڙن آزادي لاءِ ڀنگ طلب ڪيو هو. پوليس ٻڌايو ته سرڪاري آفيسر جو لاش سرائي خوبوزا مان هٿ آيو، سندس اغوا ۽ قتل ۾ ملوث چئني جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ هٿيار ۽ واردات ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي به برآمد ڪئي وئي آهي. جوابدارن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي قتل ڪري لاش دفن ڪري ڇڏيو هو، انهن جي سڃاڻپ وحيد گل، صادق، محمد بهادر ۽ عبدالله جي نالي سان ٿي آهي ۽ سندن نشاندهي تي لاش ڳولي پوسٽ مارٽم لاءِ استعمال نيو ويو. پوليس موجب جوابدار مقتول جا دوست ئي هئا، جوابدار صادق مقتول جي گهر جو مالڪ به هو.

  1. ايران-اسرائيل جنگ سان عالمي معيشيت لڏي وڃي ها: رٽائرڊ ڀارتي جنرل

نئين دهلي (آرزو ڪاظمي) هندوستاني فوج جي ميجر جنرل (رٽائرڊ) آشواني سيواچ چيو آھي ته جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ وڌي وڃي ها ته ان جي  نتيجي ۾ تيل ۽ گيس جون قيمتون وڌي وڃن ها ۽ دنيا جي معيشيت لڏي وڃي ها، پروگرام ”پوائنٽ آف ويو“ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا، يورپي يونين ۽ خود ايران به جنگ کي وڌائڻ نه پيا چاهين، هن چيو ته ايران جو جڏهن ان جي پراڪسيز جي ذريعي ڪم هلي ٿو ته براه راست جنگ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو، هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ جي ڪري پهريان ئي دنيا جي معيشيت لوڏن ۾ آھي، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ نه وڌڻ سبب علائقائي جنگ جو خطرو ٽري ويو، ميجر جنرل اشواني شيواج چيو ته اصل مسئلو اسرائيلي يرغمالين جي آھي ۽ منهنجي خيال ۾ ڪافي يرغمالي مارجي ويا آھن، نيتن ياهو جي مقبوليت گهٽجي وئي آھي ۽  اليڪشن ٿي ته هو هارائي ويندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.