ننڍي چونڊ: پي ٽي آءِ جو ووٽر مايوس، نواز ليگ کي ” مطمئن “ ڪيو ويو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) تجزئي نگار سلمان عابد ڊي ڊبليو سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته چونڊن جي نتيجن سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پارٽين جي انگن اکرن تي ڪو خاص فرق نه پوندو پر مسلم ليگ نون اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ته عوام سندس پاليسين ۽ ڪارڪردگيءَ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، پر ٻئي طرف پي ٽي آءِ کي به پنهنجي تنظيمي خامين کي بهتر سمجهڻو پوندو ۽ پارٽي اندر موجود اختلافن کي دور ڪرڻو پوندو.هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي ويو آهي ته جيستائين مسئلا حل نه ٿيندا پي ٽي آءِ جي دال نه ڳرندي،هن چيو ته اصل ڳالهه اها آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي نه ته اليڪشن مهم هلائڻ جي اجازت ڏني وئي، نه ئي هنن وٽ پنهنجي پارٽي جو نالو هو ۽ نه ئي هنن وٽ سندن ليڊر هو، جنهن ڪري کين جلسي جي اجازت به نه ملي سگهي هئي 8 فيبروري جي اليڪشن جو هڪ ايڪشن ريپلي هو. فرق صرف اهو هو ته رات جو ڪم ڪندي ڏيکاريو ويو هو، هتي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ چنڊ اڀريو هو.تجزئي نگار سلمان غني چيو ته ن ليگ کي پنهنجون ڇڏيل سيٽون واپس ملڻ حيران ڪندڙ ناهي پر وزيرآباد ۾ پي ٽي آءِ جي خالي ڪيل سيٽ تي ن ليگ اميدوار جي فتح مان لڳي ٿو ته نواز ليگ پنهنجي ڪارڪنن کي اليڪشن ۾ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، پي ٽي آءِ جو ڪارڪن ”ڊي مورلائز“ ٿيڻ جي ڪري ٻاهر نه نڪتو،سلمان عابد چيو ته ان ننڍي چونڊ ۾ گذريل چونڊن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ ٽرن آئوٽ نظر آيو، جيڪو ووٽرز جي مايوسي ظاهر ڪري ٿو، ماڻهن سمجهي ورتو هو ته انهن جي ووٽ سان ڪا به تبديلي اچڻي ناهي، هن چيو ته اهو گهڻو خطرناڪ رجحان آهي جيڪو ظاهر ڪري رهيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ساک مجروح ٿي چڪي آهي، ماڻهن جو سياسي عمل مان اعتماد کڄي رهيو آهي، ڪنٽرولڊ چونڊ نتيجن جو حصول جمهوريت جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي،صحافي نويد چوڌري چيو ته اهو ته نٿو چئي سگهجي ته انهن چونڊن ۾ کليل ڌانڌلي ٿي آهي پر لڳي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيو آهي، ن ليگ جا ڪجهه ماڻهو بشمول جاويد لطيف ۽ راڻا ثناءُ الله وڏي واڪي چئي رهيا هئا ته 8 فيبروري جي اليڪشن ۾ انهن جي جماعت کي مارجنلائز ڪيو ويو،هاڻي انهن نتيجن سان لڳي ٿو ته انهن جي به تسلي ٿي وئي هوندي،اهي فيصلا ٻئي ڪٿي ٿيندا آهن ته ڪنهن پارٽي کي ڪهڙي سائز ۾ رکڻو آهي.

نوٽ:هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اڱارو 23 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.