سڀ خبر آهي ته ڪراچي ۾ ڇا ڇا غيرقانوني آهي: چيف جسٽس

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ۾ ڪنٽينرن ٽريڪنگ جي ٺيڪن  ۾ ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي واري ڪيس ۾ ايف بي آر جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جي حڪم جي تي نظر ثاني درخواست تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ اپيل رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائر عيسيٰ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڇا ايف بي آر جي چئيرمين جو ڪم صرف ڪرپٽ آفيسرن کي تحفظ ڏيڻ آهي. ڇا سرڪاري ادارن جو ڪم اهيو ئي آهي ته ڪرپٽ آفيسرن کي بچايو وڃي. ايف بي آر سموران ڪرپٽ آفيسرن کي پالي رهي آهي. چيف جسٽس چيو ته اسان ايف بي آر جي چئيرمين کي طلب ڪري پڇاڻو ڪرايون ٿا ته اوهان ڪرپٽ آفيسرن کي تحفظ ڇو ڏئي رهيا آهيو. ٻئي طرف ساڳئي ئي بئنچ چوڌري خليق الزمان روڊ جي ڪمرشلائيزيشن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت بلڊر جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته پلاٽ جي ڪمرشلائيزيشن فيس جو ذميوار ڪير آهي؟ بلڊر جي وڪيل جواب ڏنو ته پلاٽ جي ڪمرشلائيزيشن فيس ماسٽر پلان کاتي کي ڏني وئي آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته رقم ڪنهن ڏني، رسيدون ڪٿي آهن؟ بلڊر جي وڪيل چيو ته ڪي ايم سي ۽ ٻين کي پئسا ڏنا ويا آهن، رسيدون جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، ان تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته بلڊر 22 ماڙ عمارت ٺاهي آهي پر رسيدون ناهن. چيف جسٽس چيو ته اسان کي به خبر آهي ته ڪراچي ۾ غير قانوني ڇا ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي درخواستگذارجي وڪيل چيو ته چوڌري خليق الزمان روڊ کي ڪمرشلائيز نٿو ڪري سگهجي، عدالت درخواستگذار کي هدايت ڪئي ته عمارت جي ڪمرشلائيزيشن لاءِ ادائيگي جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي. عدالت ماسٽر پلان کاتي، ڪي ايم سي ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي چوڌري خليق الزمان روڊ جي ڪمرشلائيزيشن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته عدالت ڌرين کي 25 اپريل تي مڪمل رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.